وفاقي آئيني عدالت جي قيام کان پوءِ پهرين آئيني درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت جي قيام کان پوءِ پهرين آئيني درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي. هي درخواست وڪيل غلام شاهه عباس طرفان داخل ڪئي وئي جنهن ۾ شهري حقن بابت هڪ اهم ۽ بنيادي مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو آهي. درخواستگذار مؤقف اختيار ڪيو ته سنڌ پوليس طرفان مبينه هراسمينٽ کي روڪيو وڃي ۽ شهرين کي غير قانوني ڪاررواين کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سندس …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت جي قيام کان پوءِ پهرين آئيني درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي. هي درخواست وڪيل غلام شاهه عباس طرفان داخل ڪئي وئي جنهن ۾ شهري حقن بابت هڪ اهم ۽ بنيادي مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو آهي. درخواستگذار مؤقف اختيار ڪيو ته سنڌ پوليس طرفان مبينه هراسمينٽ کي روڪيو وڃي ۽ شهرين کي غير قانوني ڪاررواين کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته شهرين جي بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ عدالتي مداخلت اڻٽر ٿي چڪي آهي. درخواست جي وصولي عدالت جي رجسٽرار حفيظ الله ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي وفاقي آئيني عدالت جو جج جسٽس علي باقر نجفي پڻ موجود هو. درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي ته عدالت شهرين کي بنا جواز پوليس ڪاررواين ۽ هراسمينٽ کان بچائڻ لاءِ مناسب حڪم جاري ڪري.

مزید خبریں