اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ضلعي ۽ ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته عزمِ استحڪام جي …
وزيراعظم شهباز شريف پاران فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ضلعي ۽ ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.











