راولپنڊي-21 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي ۾ 2 ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز 20 ۽ 21 نومبر دوران ڪي پي ڪي صوبي ۾ ٻن ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي …
سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ڪي ۾ 2 مختلف ڪارروايون، ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-21 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي ۾ 2 ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز 20 ۽ 21 نومبر دوران ڪي پي ڪي صوبي ۾ ٻن ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لڪي مروت ضلعي جي علائقي پهاڙ خيل ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي گڏيل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 10 خوارجين کي ماريو ويو. ڳجهي اطلاع جي بنياد تي هڪ ٻيو آپريشن ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪيو ويو جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز 3 خوارجين کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل ڀارتي حمايت يافته خوارجين وٽان هٿيار ۽ گوله بارود پڻ هٿ آيو. اهي خواج سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ڪيترن ئي دهشتگرداڻين سرگرمين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عزم استحڪام جي ويزن تحت علائقي ۾ ڪنهن به ڀارتي حمايت يافته خوارجي جي موجودگي جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي ته جيئن دهشتگرديءَ جي خطري کي پاڙان پٽي اُڇلائي سگهجي.











