وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان هيڊ آف ايوانجيليڪل لوٿرن چرچ آف فن لينڊ جي پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان هيڊ آف ايوانجيليڪل لوٿرن چرچ آف فن لينڊ آرچ بشپ ٽيپي لوما جنهن ۾ فن لينڊ جو پاڪستان ۾ سفير هنور پاٽي به شامل هو، سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ، بين المذاهب هم آهنگي ۽ پُرامن گڏيل بقا کي هٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان هيڊ آف ايوانجيليڪل لوٿرن چرچ آف فن لينڊ آرچ بشپ ٽيپي لوما جنهن ۾ فن لينڊ جو پاڪستان ۾ سفير هنور پاٽي به شامل هو، سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ، بين المذاهب هم آهنگي ۽ پُرامن گڏيل بقا کي هٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انساني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات دوران آرچ بشپ پاڪستان حڪومت جي قدم کي ساراهيو ته هن هڪ مخصوص وزارت قائم ڪئي آهي جيڪو عالمي سطح تي هڪ منفرد قدم آهي ڇاڪاڻ ته دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ لاءِ ان نوعيت جو باقاعده ادارو موجود ناهي. وفد کي وزارت جي تنظيمي طريقيڪار، ان سان لاڳاپيل شعبن ۽ قانوني ڪميشنز کان تفصيلي آگاهي فراهم ڪئي وئي. ان کان علاوه انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ، تحفظ ۽ واڌ جي وسيع دائره ڪار تي به روشني وڌي وئي. خيالن جي ڏي وٺ وزارت جي گهڻي رُخي ڪردار کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ بنيادي حقن جي تحفظ، ڀڃڪڙين جي نگراني، شعور اجاگر ڪرڻ ۽ صوبائي عملدارن ۽ سول سوسائٽي جي ادارن سان مربوط قدم شامل آهن. آرچ بشپ وزارت جي جامع حڪمت عملي کي ساراهيو جيڪو ڪمزور ۽ پُٺتي پيل طبقن جي تحفظ ۽ سهولت لاءِ وقف آهي. خاص ڪري اقليتن جي حقن، عورتن جي حقن، ٻارن جي حقن ۽ معذور ماڻهن جي حقن. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين بين المذاهب ڳالهين، سماجي شموليت ۽ گڏيل منصوبن ذريعي مختلف ڪميونٽيز ۾ احترام ۽ افهام و تفهيم کي هٿي وٺرائڻ جي قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌُرين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سماجي هم آهنگي کي مضبوط ڪرڻ ۽ هر شهريءَ کي عزت، برابري جي حقن ۽ تحفظ سان زندگي گذارڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار اڻٽر آهي. آرچ بشپ وزارت جي جاري ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ حڪومت، سول سوسائٽي ۽ عالمي ڀائيوارن سان وڌيڪ سهڪار جي اميد ظاهر ڪئي ته جيئن انساني حقن ۽ پُرامن گڏيل بقا کي مستحڪم ڪري سگهجي.

مزید خبریں