اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم کي ٻڌايل سزا کي بنگلاديش جو اندروني معاملو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ان معاملي تي ڪو تبصرو نه ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ دوران ميڊيا پاران ان معاملي تي پاڪستان جي موقف بابت سوال جي جواب ۾ واضح ڪيو ته اهو معاملو مڪمل طور تي بنگلاديش جو اندروني معاملو آهي، …
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم کي ٻڌايل سزا بنگلاديش جو اندروني معاملو آهي: پاڪستان جي پرڏيهي وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم کي ٻڌايل سزا کي بنگلاديش جو اندروني معاملو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ان معاملي تي ڪو تبصرو نه ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ دوران ميڊيا پاران ان معاملي تي پاڪستان جي موقف بابت سوال جي جواب ۾ واضح ڪيو ته اهو معاملو مڪمل طور تي بنگلاديش جو اندروني معاملو آهي، بنگلاديش جي عوام پنهنجي جمهوري ۽ آئيني طريقيڪار موجب پنهنجي معاملن کي حل ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي.











