اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان افغان طالبان کان دهشتگرد گروپن جي حمايت بند ڪرڻ جي پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪندي واضح ڪيو آهي ته سرحد کولڻ، واپار جي بحالي سان گڏوگڏ عالمي رابطن جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ دير جي ذميواري افغان حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، پاڪستان اسرائيلي قابض فوج ۽ انتهاپسند آبادڪارن پاران والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي مسلسل …
پاڪستان پاران افغان طالبان کان دهشتگرد گروپن جي حمايت بند ڪرڻ جي پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان افغان طالبان کان دهشتگرد گروپن جي حمايت بند ڪرڻ جي پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪندي واضح ڪيو آهي ته سرحد کولڻ، واپار جي بحالي سان گڏوگڏ عالمي رابطن جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ دير جي ذميواري افغان حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، پاڪستان اسرائيلي قابض فوج ۽ انتهاپسند آبادڪارن پاران والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪري ٿو، پاڪستان عالمي برادري بشمول گڏيل قومن، انساني حقن واري ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو نوٽيس وٺن، انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڀارت جي جوابدهي کي يقيني بڻائين ۽ انساني حقن جي معتبر عالمي تنظيمن کي آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان افغان طالبان حڪومت پاران فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي حمايت جي ڪري سرحدي گذرگاهه بند ڪري رکي آهي ۽ افغانستان سان سمورو واپار معطل ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته سرحدي لنگهه کولڻ، تاپي ۽ ڪاسا 1000 جهڙن منصوبن تي عملدرآمد ۾ دير جي ذميواري افغان طالبان تي لاڳو ٿئي ٿي. ترجمان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته افغانستان کي پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي لاءِ پنهنجي سرزمين جو غلط استعمال بند ڪرڻ گهرجي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان افغانستان سان رابطي ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان کي جاني نقصان کڻڻو پيو. هن چيو ته ان کان اڳ پاڪستان واپار ۽ سلامتي کي جدا ڪري ڇڏيو هو، پر تحمل جو مظاهرو ڪيو جنهن جي هڪ حد هوندي آهي. ترجمان چيو ته منهنجي خيال ۾ صبر جي اها حد پار ٿي وئي آهي، اسان واپار کي ائين ٿيڻ نه ٿا ڏئي سگهون جيئن افغان سرزمين تان پاڪستانين جي قتل جو لائيسنس ڏئي واپار ڪيو پيو وڃي. ترجمان هڪ افغان اڳواڻ جي پاڪستان جي لاءِ 4000 بمبار تيار ڪرڻ جي اعلان بابت پڇيل سوال تي تبصرو ڪندي چيو ته ان بيان ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان جو موقف صحيح آهي ته افغان سرزمين پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀارتي وزيراعظم مودي سان ڳالهه ٻولهه بابت پڇيل سوال جنهن ۾ خاطري ڪرائي وئي هئي ته هو پاڪستان سان جنگ نه ڪندو، تي تبصرو ڪندي ترجمان چيو ته ان خاطري کي اسان واضح طور تي شڪ جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ان جي تائيد ڀارت مان ايندڙ بيانن ۾ نه ڏٺي وئي. هن چيو ته ڀارتي سياسي ۽ عسڪري قيادت جنگ جون ڳالهيون جاري رکيون آهن ۽ جارحاڻا بيان جاري ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ايراني ائٽمي مسئلي تي پاڪستان جو موقف اصولي ۽ مستحڪم آهي ڇو ته پاڪستان عالمي قانون تحت ايرانين جي حقن ۽ ذميوارين موجب ائٽمي افزوزدگي جي حق کي تسليم ڪيو آهي. آمريڪي ڪانگريس جي رپورٽ تي تبصرو ڪندي ترجمان چيو ته ان رپورٽ جي پڄاڻي تي پاڪستان جي زبردست ڪاميابي جو حوالو ڏنو ويو آهي جيڪو رپورٽ جو ”ڪافي معنيٰ خيز“ نتيجو آهي. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي ميڊيا کي هفتي دوران سفارتي مصروفيتن کان آگاهه ڪيو جن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي روس جي دوري کي اجاگر ڪيو، جتي هن ايس سي اوڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ برسلز ۾ پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين اجلاس جي گڏيل صدارت جي لاءِ شرڪت ڪئي ۽ چوٿين يورپي يونين انڊو – پيسفڪ وزارتي فورم ۾ شرڪت ڪئي جتي هن مختلف ملڪن جي هم منصبن ۽ سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ هنگري هنگريڪم وظيفه پروگرام 2028 – 2026ع جي فريم ورڪ تحت تعاون جي مفاهمت جي تجديد تي پڻ صحيحون ڪيون آهن جنهن تحت پاڪستان جي شهرين کي هنگري ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ 400 اسڪالرشپس ڏنيون وينديون. طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان اسرائيلي قابض فوج ۽ انتهاپسند آبادڪارن پاران والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ مسجد اقصيٰ تي بار بار قبضو ڪرڻ ۽ نمازين جي خلاف اشتعال انگيزي شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اهڙي طرح جا قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهن. ترجمان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقدس جاين جي تقدس کي عالمي قانون ۽ تاريخي حيثيت موجب يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مقدس جاين جي تحفظ کي يقيني بڻائن، آبادڪارن جي وڌيڪ تشدد ۽ دراندازين کي روڪڻ سميت گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن کي برقرار رکڻ جي لاءِ فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ٻه رياستي حل تي ٻڌل منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار امن جي حمايت ۾ ان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪريون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطين جي رياست قائم ڪئي وڃي جيڪا جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. طاهر اندرابي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل ۽ سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وسيع پئماني تي نظربندين، گرفتارين ۽ بنيادي آزادين تي وسيع پابندين جون پاليسيون والاريل ڪشمير جي آبادي کي گڏيل سزا ڏيڻ جي برابر آهن. هن چيو ته ڪشميري نوجوانن کي انهن جي سڃاڻپ ۽ عقيدي جي بنياد تي پروفائيل ڪرڻ جون خبرون انهن خدشن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏين ٿيون. ترجمان چيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادياتي ڪردار کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي ورثي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکيون آهن، اهي قدم ڪشميري آبادي جي جائز امنگن کي دٻائڻ جي سوچيل سمجهيل حڪمت عملي جو حصو آهن. هن چيو ته هزارين ڪشميري نوجوان گم آهن جڏهن ته ڪشميري عوام جا سياسي نمائندا وڏي انگ ۾ غيرقانوني حراست ۾ آهن، اهڙا قدم ڪشميري عوام جي عالمي سطح تي مڃيل خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي پائيدار عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري بشمول گڏيل قومن، انساني حقن واري ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو نوٽيس وٺن، اهي ادارا ڀارت کي فوري تدارڪ جا قدم کڻڻ جي ترغيب ڏين، انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڀارت جي جوابدهي کي يقيني بڻائين ۽ انساني حقن جي معتبر عالمي تنظيمن کي آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏين. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو، پرامن ۽ پائيدار حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم جي ڪيس ۾ ٻڌايل سزا تي تبصرو ڪندي ترجمان چيو ته اهو بنگلاديش جو اندروني معاملو آهي، بنگلاديش جي عوام پنهنجي مسئلن کي پنهنجي جمهوري ۽ آئيني عمل موجب حل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.











