اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ڪردار جي تعمير ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن اسان جي مستقبل جا معمار جديد دؤر جي بهتر طريقي سان مقابلو ڪندي قومي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. سالياني ٽيچر ڊولپمينٽ ڪانفرنس کي …
نوجوانن ۾ سُڃاڻپ ۽ ثقافتي بيداري جي بحاليءَ لاءِ قومي عزم جي ضرورت آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ڪردار جي تعمير ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن اسان جي مستقبل جا معمار جديد دؤر جي بهتر طريقي سان مقابلو ڪندي قومي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. سالياني ٽيچر ڊولپمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته تعليم صرف مواد جي منتقلي ناهي پر ٻارن جي شخصيت، قدر ۽ احساس جي ذميداريءَ کي جوڙڻ جو هڪ عمل آهي. پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪندي احسن اقبال چيو ته گذريل نسلن تعليم، تربيت هڪ رسالو پڙهي وڌايو جنهن ۾ سکڻ کي اخلاقي رهنمائيءَ سان ملايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي تعليم واري نظام ۾ توازن کي بحال ڪرڻ گهرجي. هن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترائي ٻار هاڻ پنهنجي ادبي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثي کان واقف ناهن. هن چيو ته تدريس هڪ جامع ڪوشش آهي ۽ بامعنيٰ سڌارن لاءِ نوجوانن ۾ سڃاڻپ ۽ ثقافتي بيداري جي بحاليءَ لاءِ قومي عزم جي ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته ذهانت، هنر، ايمانداري ۽ ڪامياب قومن جي مقابلي ۾ وسيلا رکڻ باوجود پاڪستان سازگار ماحول جي کوٽ سبب بار بار پوئتي هليو ويو. هن چيو ته هڪ ٻج وانگر جيڪو استحڪام، گهم ۽ صحيح موسم کانسواءِ نٿو وڌي سگهي، ايستائين جو بهترين انساني صلاحيت به امن ۽ تسلسل کانسواءِ نٿو وڌي سگهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورا ڪامياب ملڪ امن، سياسي استحڪام، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏهاڪي تائين پاليسين جي تسلسل ۽ ڊگهي مُدي جي اقتصادي رُخ جهڙن بنيادي اصولن کي يقيني بڻايو. هن چين، ملائيشيا، سنگاپور، جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ بنگلاديش جي مثالن جو حوالو ڏنو جتي 10 کان 30 سالن تي ٻَڌل قيادت جي مُدت پاليسيءَ جي نتيجن کي عملي جامو پارائڻ جو موقعو ڏنو. پاڪستان جي پنهنجي تاريخ تي روشني وجهندي هن چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۽ 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۽ 2013ع کن 2018ع ۾ ملڪ جي ترقيءَ جا دؤر عدم استحڪام ۽ سياسي تبديلين سبب بار بار متاثر ٿيا. هن 1997ع ۾ ويزن 2010ع ۽ 2013ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت طرفان ويزن 2025ع کي ياد ڪيو. ٻئي پنهنجي مڪمل اثر پيش ڪرڻ کان اڳ پٽڙي تان لهي ويا. هن ريمارڪس ڏنا ته ائين ناهي ته اسان وٽ منصوبا بندي يا اهليت جي کوٽ آهي هي عدم استحڪام ۽ پاليسين ۾ وقفو آهي جنهن اسان کي منافعي کان محروم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هاڻوڪن سالن جي معاشي بدحاليءَ کانپوءِ پاڪستان ۾ ان وقت تائين مختلف اهڃاڻن ۾ بهتري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ اهو ٻُڌائيندي ته 3 سال اڳ ناڻي واڌ جيڪو 38 سيڪڙو هئي گهٽ ٿي 4.5 سيڪڙو تي اچي وئي. اسٽاڪ مارڪيٽ 80 هزار پوائنٽس کان وڌي هڪ لک 70 هزار تائين پهچي وئي ۽ پرڏيهه مان موڪليل ناڻو رڪارڊ سطح تي پهچي ويو. هن وڌيڪ چيو ته ان رجحانن پاڪستان تي عالمي اعتماد کي بحال ڪيو. قوم کان ماضيءَ جي غلطين کي نه ورجائڻ جي تلقين ڪندي هن چيو ته هي چوٿون موقعو آهي جيڪو الله تعاليٰ اسان کي ڏنو آهي، اسان کي ان ٽيڪ آف کي گذريل 3 موقعن وانگر ڪريش نه ڪرڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته ڪامياب حق جي ويڙهه دوران پاڪستان جي مضبوط ۽ متحد ردِعمل ملڪ جو وقار نمايان طور مٿي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ان واقعي عالمي سطح تي پاڪستان جو مانُ مٿانهون ڪيو، دنيا هاڻ ان کي هڪ مضبوط ۽ باوقار قوم طور ڏسي رهي آهي، هي اها تصوير آهي جنهن جي اسان کي حفاظت ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته دوست ملڪ پاڪستان سان ٻيهر منسلڪ ٿي رهيا آهن ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي ته سعودي عرب هڪ وڏي دفاعي معاهدي تي عمل پيرا آهي، چين سي پيڪ فيز ٽو کي اڳتي وڌائي رهيو آهي ۽ آمريڪا سان لاڳاپا هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته استادن کي گهرجي ته هو پاڪستان جي 100 سالن جي سال 2047ع تي نظر رکن جڏهن ملڪ ٻين علائقائي قومن سان تاريخ آڏو بيهندو، قومي ذهنيت ۾ تبديليءَ جي ضرورت تي روشني وجهندي هن چيو ته پاڪستان کي ڪو سياسي نه پر اقتصادي لانگ مارچ جي ضرورت آهي. چين سان هڪجهڙائي بابت هن زور ڀريو ته قومي ترقيءَ جو دارومدار استحڪام ۽ سماجي يڪجهتيءَ تي آهي، جن قدرن کي هر شهري ۽ شاگردن کي سمجهڻ گهرجي. هن چيو ته قومن ترقيءَ جي جنگي جوش ۽ خروش جي ڌماڪن سان نٿيون کٽيون سگهجن پر ٽيسٽ ميچ جي صبر تحمل سان کٽيون وينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي هڪ اهڙي نسل تيار ڪرڻ گهرجي جيڪا سمجهي ته ڪنهن قوم کي ترقي ۽ ڪاميابيءَ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي. تعليمي ماهرن سان رجوع ڪندي احسن اقبال چيو ته پڙهائڻ ڪو ڪم ناهي پر هڪ مشن آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو قوم جي مستقبل سنوارڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪن ۽ شاگرد ۾ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم پيدا ڪن.











