ڊيجيٽل ميڊيا رابطن جي ذريعن جو تيز ترين فورم بڻجي چڪو آهي، پاڪستان جو ميڊيا منظرنامو مثبت رخ ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي: عطاءُ الله تارڙ

باڪو – 21 نومبر (اي پي پي)   اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا رابطن جي ذريعن جو تيز ترين فورم بڻجي چڪو آهي، پاڪستان جو ميڊيا منظرنامو مثبت رخ ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، حڪومت وقت سر ۽ موثر اطلاع جي لاءِ نشرياتي ادارن کي مضبوط بڻائي رهي آهي، نئين نسل خاص طور تي جنريشن زي کي ميڊيا لٽريسي ۽ …

باڪو – 21 نومبر (اي پي پي)   اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا رابطن جي ذريعن جو تيز ترين فورم بڻجي چڪو آهي، پاڪستان جو ميڊيا منظرنامو مثبت رخ ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، حڪومت وقت سر ۽ موثر اطلاع جي لاءِ نشرياتي ادارن کي مضبوط بڻائي رهي آهي، نئين نسل خاص طور تي جنريشن زي کي ميڊيا لٽريسي ۽ صحيح معلومات جي تعليم ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. باڪو ۾ ڊي ايٽ ميڊيا فورم کي خطاب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير آذربائيجان جي حڪومت ۽ صدر الهام عليوف جي متحرڪ قيادت ۽ ويزن کي ساراهيندي چيو ته اڄ اسان خطي جي تعاون ۽ حصيداري عمل جي ان اهم ميڙ ۾ شريڪ آهيون. هن چيو ته آذربائيجان ڊي ايٽ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ڀرپور توانائي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها وقت جي اهم ضرورت آهي ته اسرندڙ ملڪن جي مثبت بيانيي کي دنيا آڏو پيش ڪيو وڃي ۽ پنهنجون ڪامياب ڪهاڻيون صحيح انداز ۾ دنيا تائين پهچايون وڃن. هن زور ڏنو ته عالمي ميڊيا منظرنامو بي مثال تبديلي جي دور مان گذري رهيو آهي ۽ سياسي معاشي ماحولياتي ۽ انساني بحران هاڻي جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد مواصلاتي ذريعن جي ڪري اڳ کان ڪيترائي ڀيرا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. هن چيو ته اسان روايتي پرنٽ ميڊيا کي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو، اهو هڪ مرحليوار ارتقا هُئي جيڪا هڪ منظم ۽ ساختياتي عمل تحت وجود ۾ آئي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا کان ڊيجيٽل ميڊيا تائين ايندڙ ٻي ارتقا پنهنجي ئي ماحول ۾ پنهنجي ئي رفتار سان پاڻ ئي وجُود ۾ آئي، دنيا هن وقت ٻن قسم جي ماڻهن ۾ ورهائجي چڪي آهي، ڊيجيٽل اميگرنٽس ۽ ڊيجيٽل نيٽوز ۽ اها ورڇ هڪ خوبصورت حقيقت آهي ڇو ته ڊيجيٽل ميڊيا اڄ تيز ترين مواصلاتي ذريعو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته اسان کي هن فورم تي ڊيجيٽل نيٽوز ۽ ڊيجيٽل اميگرنٽس ٻنهي کي گڏ کڻي هلڻو پوندو، هي فورم ان جي لاءِ آئيڊيل آهي، هتي اسان نه رڳو گڏيل تعاون ڪري سگهون ٿا پر هڪ ضابطه اخلاق پڻ جوڙي سگهون ٿا جنهن جي ذريعي اسان نوجوان نسل خاص طور تي جنريشن زي کي سوشل ميڊيا جي مثبت ۽ تعميري استعمال بابت تعليم ڏئي سگهون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا جو منظرنامو انتهائي متحرڪ آهي، ملڪ ۾ 117 ملين انٽرنيٽ صارفين ۽ 79.9 ملين سوشل ميڊيا صارفين موجود آهن، پاڪستان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو اهي نوجوان آهن جيڪي 30 سالن کان گهٽ عمر جا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جو ميڊيا لينڊ اسڪيپ مثبت انداز ۾ تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران انفارميشن وار به جاري هئي جنهن ۾ جنريشن زي اهم ڪردار ادا ڪيو. صحيح معلومات وقت سر دنيا تائين پهچائي اها حصيداري ميڊيا هائوسز، ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ جنريشن زي جي وچ ۾ ڪاميابي سان سرانجام ڏني وئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي لاءِ موثر ۽ ڀرپور بيانيو سامهون آيو. هن چيو ته اسان اهو به مشاهدو ڪيو ته غلط معلومات عوامي تاثر کي بگاڙي ٿي، معاشرتي پولرائيزيشن کي وڌائي ڇڏي ٿي ۽ ادارن تي اعتماد کي ڪمزور ڪري ٿي، انهي لاءِ ميڊيا ادارن جي وچ ۾ بهتر هم آهنگي اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته اسان جو اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن ۽ بحرانن جي دوران رابطاڪاري جو طريقو ڪجهه بنيادي ٿنڀن تي قائم آهي جن ۾ اڳواٽ ۽ وقت سر معلومات جي فراهمي (ته جيئن حڪومتي ادارن جو پيغام وقت سر، صحيح ۽ هم آهنگ انداز ۾ عوام تائين پهچي)، قومي ميڊيا پليٽ فارمز جي مضبوطي، سرڪاري نشرياتي ادارن ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز کي جديد ٽولز ۽ تربيت سان بااختيار بڻائڻ ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي صلاحيتن ۾ اضافو (جنهن تحت صحافين کي اهي مهارتون فراهم ڪيون وڃن جيڪي بحرانن جي ذميواراڻي ۽ اخلاقي رپورٽنگ جي لاءِ ضروري آهن) شامل آهن. هن چيو ته گڏيل فيڪٽ چيڪنگ مڪينزم، غلط معلومات جي خلاف ٺوس حڪمت عملي ۽ شهرين کي صحيح معلومات جي فراهمي ۽ ميڊيا لٽريسي جي ذريعي شهرين کي ان قابل بڻائڻ ته اهي ڪوڙي معلومات کي موثر طريقي سان سڃاڻي سگهن، اهي سمورا قدم پاڪستان جي ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته اسان هڪ مضبوط، قابل اعتماد ۽ جمهوري قدرن تي ٻڌل اطلاعاتي ماحول قائم ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪو معاشرتي هم آهنگي ۽ قومي استحڪام کي مضبوط بڻائي. هن چيو ته ڊي ايٽ فورم گڏيل قدمن جي لاءِ هڪ غيرمعمولي پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو ۽ اسان جا ميمبر ملڪ گڏيل طور تي هم آهنگ حڪمت عملين ۽ گڏيل قدمن مان بي پناهه فائدو کڻي سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته آذربائيجان جي حڪومت پاران ميڊيا ايڪسي لينس سينٽر قائم ڪرڻ جو قدم ساراهه جوڳو آهي ۽ اسان ان قدم ۾ مڪمل تعاون ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي تجويز آهي ته ميڊيا جي وزارتن ۽ ميڊيا پروفيشنلز تي ٻڌل هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪيو وڃي جيڪو باقاعدگي سان ورچوئل وڊيو ڪانفرنسز ۽ ميٽنگز جي ذريعي رابطي ۾ رهن جنهن سان اسان کي هڪ ٻئي جا تجربا لاڳيتو شيئر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪرائسس رپورٽنگ، ڊيجيٽل فورينزڪس ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي تدارڪ بابت گڏيل تربيتي پروگرام ۽ ورڪشاپس منعقد ڪرڻ پڻ ضروري آهي. هن تجويز ڏني ته ميڊيا تعاون جي لاءِ باڪو پڌرنامو جاري ڪيو وڃي جيڪو مستقبل جي روڊ ميپ جو تعين ڪري ۽ ان تي سمورن ميمبر ملڪن جو اتفاق هجي. هن چيو ته تجويز ڪيل باڪو ڊيڪلريشن ڊي ايٽ ملڪن جي ميديا پروفيشنلز ۽ ميڊيا وزارتن جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو رستو مقرر ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير اها به تجويز ڏني ته ڊي ايٽ ميڊيا فورم جا سوشل ميڊيا هينڊلز قائم ڪيا وڃن جن جي ذريعي ميمبر ملڪ اقتصادي ترقي، عوامي ڀلائي ۽ اسلامي دنيا بابت مثبت بيانيو پيش ڪري سگهن. هن چيو ته اهو پليٽ فارم اسلامو فوبيا ۽ دهشتگردي جي خلاف موثر ردعمل سان گڏ ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل بيانيي کي فروغ ڏيندو ۽ اسان وٽ ڪيتريون ئي مثبت ڪهاڻيون موجود آهن جيڪي دنيا تائين پهچائي سگهجن ٿيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ايف بي آر ۾ سڌارن جو قدم دنيا جي لاءِ قابل تقليد آهي. سڌاراجاتي عمل سان نه رڳو اسان جي آمدني ۾ اضافو ٿيو پر ادارن تي عوام جو اعتماد به بحال ٿيو آهي. هن چيو ته اسان وٽ سڌارن، اداراجاتي بهتري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جهڙا تجربا موجود آهن جن کي ڊي ايٽ جو گڏيل سوشل ميڊيا پليٽ فارم موثر انداز ۾ دنيا تائين پهچائي سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آن لائين انتهاپسندي ۽ نفرت انگيز مواد خطي ۾ معاشرتي هم آهنگي جي لاءِ وڏو خطرو آهي، ان جي خلاف حصيداري وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اسان گڏيل عوامي سفارتڪاري جي مهم پڻ شروع ڪري سگهون ٿا جنهن سان ڊي ايٽ ملڪن جي گڏيل بيانيي، امن، اقتصادي ترقي ۽ ثقافتي واڌويجهه کي اجاگر ڪري سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير سيڪريٽري جنرل کي سندس ڪامياب مدي، ڊي ايٽ ملڪن جي لاءِ خدمتن ۽ گذريل سال قاهره ۾ ڊي ايٽ سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هاڻي پاڪستان 2026ع ۾ سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀاليندو، اسان کي موجوده سيڪريٽري جنرل جي تجربن مان تمام گهڻو سکڻ جو موقعو مليو آهي. هن ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ مصنوعي ذهانت جي ضابطه اخلاق تي اتفاق جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڪجهه پليٽ فارمز تي مصنوعي ذهانت سان تيار ڪيل وڊيو موجود هونديون آهن، ان تي مخصوص نشان هوندو آهي ته هي اي آءِ سان تيار ڪئي وئي آهي، اسان کي به اهڙي طرح جي نشاندهي جي ضرورت آهي ته جيئن صارفين اصل ۽ مصنوعي وڊيوز ۾ فرق ڪري سگهن. هن چيو ته اهي قدم غلط معلومات ۽ گمراهه ڪندڙ مهم جو مقابلو ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪندا. وفاقي وزير چيو ته مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي فيڪٽ چيڪنگ جو نظام موجود آهي، اسان اڪثر انهن وسيلي ئي صحيح معلومات جي تصديق ڪندا آهيون ۽ ڪوڙين خبرن جي نشاندهي ڪريون ٿا. اڄ دنيا کي درپيش وڏي چئلينجز مان هڪ غلط معلومات ۽ گمراهه ڪندڙ مواد آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم موجب عالمي اڳواڻن ان کي موجوده دور جو سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏنو، عالمي اڳواڻن ايٽمي جنگ يا موسمياتي تبديلي کي نه پر غلط معلومات کي سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏنو جيڪو انتشار ۽ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته بهتر تعاون ۽ ڊي ايٽ ميڊيا فورم جهڙن قدمن سان اسان رابطن کي مضبوط ڪري سگهون ٿا ۽ ميڊيا جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهون ٿا، اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن رڳو حڪومتن جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو نالو نه آهي پر اهو معاشري ۾ بحران جي مقابلي ۽ گڏيل ردعمل جو پڻ ذريعو آهي. وفاقي وزير چيو ته ذميواراڻي صحافت، اخلاقيات تي ٻڌل رپورٽنگ ۽ صحيح معلومات جي فراهمي جي لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مضبوط رابطن جي لاءِ پاڪستان سمورن ڊي ايٽ ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ تيار آهي ته جيئن اهڙو فريم ورڪ جوڙي سگهجي جيڪو امن اعتماد ۽ بحران کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائي، اسان کي گڏجي اهڙو معلومات ماحول قائم ڪرڻو آهي جتي سچ ڪوڙ تي غالب اچي، تعاون ورڇ کي شڪست ڏي ۽ رابطا ڪمزوري بدران طاقت جو ذريعو بڻجن. وفاقي وزير آذربائيجان جي حڪومت، صدر الهام عليوف، آذربائيجان پريزيڊنشل ايڊمنسٽريشن ۾ پرڏيهي معاملن جي سربراهه حڪمت حاجيوف ۽ ڊي ايٽ سيڪريٽريٽ جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڊي ايٽ ميڊيا فورم جي ذريعي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا تعاون کي فروغ مليو، اهڙو نظام جوڙڻ جي لاءِ پراميد آهيون جنهن سان ايندڙ نسل فائدو کڻن، ماڻهو ان فورم کي ڏهاڪن کانپوءِ به اهڙي شروعات طور ياد ڪن جنهن ڊي ايٽ ملڪن جي عوام جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جو بنياد رکيو هجي.

مزید خبریں