گهرو وزير محسن نقوي پاران بنون ۾ امن ڪميٽي جي آفيس تي فتنه الخوارج جي حملي جي مذمت

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ امن ڪميٽي جي آفيس تي فتنه الخوارج جي حملي جي مذمت ڪندي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگردي جي اها بزدلاڻي ڪارروائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، فتنه الخوارج جون …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ امن ڪميٽي جي آفيس تي فتنه الخوارج جي حملي جي مذمت ڪندي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگردي جي اها بزدلاڻي ڪارروائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، فتنه الخوارج جون اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون عوام جا بلند حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته قوم ۽ رياست امن دشمنن جي مقابلي لاءِ متحد آهي. هن فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.

مزید خبریں