دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 21 نومبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 28 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 85 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 44 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 44 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي …

اسلام آباد- 21 نومبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 28 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 85 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 44 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 44 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1514.50 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.817 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1223.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي ذخيرو 5.822 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.60 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.161 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.  

مزید خبریں