جاپان چين جي سنجيده موقف جو احترام ڪري، تڪراري بيان واپس وٺي ۽ پنھنجن واعدن کي عملي قدمن ذريعي ثابت ڪري: چين جي پرڏيهي وزارت جو ترجمان

بيجنگ - 21 نومبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت جو ترجمان جاپان تي زور ڀريو آهي ته هو چين جي سنجيده موقف جو احترام ڪري، تڪراري بيان واپس وٺي ۽ پنھنجن واعدن کي عملي قدمن ذريعي ثابت ڪري. تفصيل مطابق چين جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان جاپان تي زور ڀريو آهي ته ھو تائيوان جي معاملي تي ”موقف جي غير تبديلي جي دعويٰ ڪندي آھستي آھستي ڳاڙھي لڪير …

بيجنگ – 21 نومبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت جو ترجمان جاپان تي زور ڀريو آهي ته هو چين جي سنجيده موقف جو احترام ڪري، تڪراري بيان واپس وٺي ۽ پنھنجن واعدن کي عملي قدمن ذريعي ثابت ڪري. تفصيل مطابق چين جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان جاپان تي زور ڀريو آهي ته ھو تائيوان جي معاملي تي ”موقف جي غير تبديلي جي دعويٰ ڪندي آھستي آھستي ڳاڙھي لڪير پار نه ڪري. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو بيان ان وقت سامھون آيو آھي جڏهن ڪيتريون ئي اعليٰ اختياريون وزيراعظم سانائي تاڪائچي جي تازي تائيوان سان لاڳاپيل ريمارڪس جو دفاع ڪري رهيون آهن. ميڊيا رپورٽس مطابق جاپان جي اختيارين جو چوڻ ھو ته وزيراعظم جي بيانن حڪومت جي موجوده موقف ۾ ڪا تبديلي ناھي آندي، ۽ جاپان ان کي واپس وٺڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي. روزانو جي پريس بريفنگ ۾ چيو ته تائيوان جي مسئلي تي جاپاني حڪومت کي ھڪ چين جي اصول تي عمل ڪرڻ گھرجي ۽ چين-جاپان وچ ۾ طئي ٿيل 4 سياسي دستاويزن ۾ موجود اصولن جي پابندي ڪرڻ گھرجي نه ته لاڳاپيل تصور کي ڌنڌلو يا تاريخ جو رخ موڙڻ جي ڪوشش سمجهيو ويندو. ترجمان مطابق تائيوان جو چين سان ٻيھر الحاق ٻي عالمي جنگ ۾ فتح جو نتيجو ۽ جنگ کانپوءِ عالمي ترتيب جو لازمي حصو آھي ۽ ان کي ڪير به تبديل ڪرڻ جو حق نه ٿو رکي. ترجمان واضح ڪيو ته رڳو ” اپوزيشن ۾ ڪا تبديلي ناھي. چين جي ترجمان جاپان تي زور ڀريو ته ھو چين جي سنجيده موقف جو احترام ڪري، تڪراري بيان واپس وٺي ۽ پنھنجي واعدن کي عملي قدمن ذريعي ثابت ڪري.

مزید خبریں