ڊونلڊ ٽرمپ پاران وائيٽ ھائوس ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو سان گڏ فٽ بال کيڏڻ جي اي آءِ ويڊيو پوسٽ

واشنگٽن - 21 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل اڪائونٽ تي اي آءِ جي مدد سان تيار ڪيل ھڪ ويڊيو پوسٽ ڪئي آهي جنھن ۾ ھو پرتگال جي رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو سان گڏ فٽ بال کيڏندي نظر اچي رھيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ويڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته ٽرمپ وائيٽ ھائوس ۾ النصر جي ڪپتان سان گڏ فٽ بال کيڏي رھيو آھي. ٽرمپ ويڊيو جي …

واشنگٽن – 21 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل اڪائونٽ تي اي آءِ جي مدد سان تيار ڪيل ھڪ ويڊيو پوسٽ ڪئي آهي جنھن ۾ ھو پرتگال جي رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو سان گڏ فٽ بال کيڏندي نظر اچي رھيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ويڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته ٽرمپ وائيٽ ھائوس ۾ النصر جي ڪپتان سان گڏ فٽ بال کيڏي رھيو آھي. ٽرمپ ويڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته رونالڊو ھڪ عظيم ماڻھو آھي، مونکي وائيٽ ھائوس ۾ ان سان ملي سٺو لڳو، ڪافي ھوشيار ۽ زبردست !. اھو ان وقت سامھون آيو آھي جڏھن صدر ٽرمپ ھن ھفتي سعودي عرب جي وفد سان پنھنجون ملاقاتون ختم ڪيون. انھن ملاقاتن ۾ النصر جو ڪپتان ڪرسٽيانو رونالڊو به شامل ھو.

مزید خبریں