وزيراعظم پاران بنون ۾ امن ڪميٽي جي آفيس تي فتنه الخوارج جي حملي جي سخت مذمت

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۾ امن ڪميٽي جي آفيس تي فتنه الخوارج جي حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ مارجي ويندڙن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي خاندانن لاءِ صبر ۽ جميل …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۾ امن ڪميٽي جي آفيس تي فتنه الخوارج جي حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ مارجي ويندڙن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي خاندانن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي حملي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته امن جي ڪوششن کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون فتنه الخوارج جي پاڪستان ۾ بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪڌن ارادن کي بي نقاب ڪن ٿيون ۽ اهي ڪنهن به قيمت تي پاڪستانين جو حوصلو ڪمزور نٿيُون ڪري سگهن. هن چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي خاتمي لاءِ پُوري قوم متحد آهي.

مزید خبریں