وقتي صدر پاران فيصل آباد ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فيصل آباد ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر چيو ته هي افسوسناڪ واقعو تمام گهڻو دل ڏکوئيندڙ آهي ۽ پوري قوم سوڳوار خاندانن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. سيد يوسف رضا گيلاني هن …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فيصل آباد ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر چيو ته هي افسوسناڪ واقعو تمام گهڻو دل ڏکوئيندڙ آهي ۽ پوري قوم سوڳوار خاندانن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. سيد يوسف رضا گيلاني هن افسوسناڪ سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته آئُون سوڳوار خاندانن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وقتي صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾جاءِ ڏئي ۽ پونئرن کي صبر ۽ حوصلو عطا فرمائي. وقتي صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

مزید خبریں