باڪو-21نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آذربائيجان جي حڪومت جي دعوت تي ڊي 8 ميڊيا فورم ۾ شرڪت لاءِ باڪو پهچي ويو آهي. حيدر عليوف انٽرنيشنل ايئرپورٽ باڪو تي آذربائيجان جي ميڊيا ڊولپمينٽ ايجنسي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر احمد اسماعيلوف اطلاعات واري وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. آذربائيجان ۾ منعقد ٿيندڙ ڊي 8 فورم جو موضوع "بحث مُباحثا، تعاون ۽ علائقائي هم آهنگي کي …
اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ باڪو ۾ ٿيندڙ ڊي 8 ميڊيا فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو

مزید خبریں
باڪو-21نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آذربائيجان جي حڪومت جي دعوت تي ڊي 8 ميڊيا فورم ۾ شرڪت لاءِ باڪو پهچي ويو آهي. حيدر عليوف انٽرنيشنل ايئرپورٽ باڪو تي آذربائيجان جي ميڊيا ڊولپمينٽ ايجنسي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر احمد اسماعيلوف اطلاعات واري وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. آذربائيجان ۾ منعقد ٿيندڙ ڊي 8 فورم جو موضوع "بحث مُباحثا، تعاون ۽ علائقائي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ” آهي. ڊي 8 ميڊيا فورم ۾ پاڪستان سميت آذربائيجان، بنگلاديش، مصر، انڊونيشيا، ايران، ملائيشيا، نائيجيريا ۽ ترڪيه جا ميڊيا ماهر ۽ پاليسي ساز شرڪت ڪري رهيا آهن. فورم ۾ ڊي 8 ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ، تجربن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل تعاون جا نوان موقعا فراهم ٿيندا. اطلاعات وارو وفاقي وزير فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ ميڊيا فورم ۾ ميڊيا تعاون، حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ گڏيل حڪمت عملي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. دوري دوران اطلاعات وارو وفاقي وزير ڊي 8 جي سيڪريٽري جنرل، ميمبر ملڪن جي اطلاعات وارن وزيرن، ميڊيا جي سربراهن ۽ مختلف بين الاقوامي ماهرن سان ملاقاتُون پُڻ ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ آذربائيجان جي صدارتي انتظاميه ۾ پرڏيهي معاملن جي سربراهه حڪمت حاجيوف جي وچ ۾ ملاقات پڻ ٿيندي. اطلاعات وارو وفاقي وزير آذربائيجان جي سرڪاري ٽي وي جو به دورو ڪندو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ ميڊيا تعاون جي حوالي سان لاڳاپن کي هڪ نئين دور ۾ داخل ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.






