نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سلووينيا جي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ يورپي معاملن جي وزير تنجا فاجون سان ملاقات

برسلز-21نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ منعقد ٿيندڙ چوٿين يورپي يونين انڊو-پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي سلووينيا جي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ يورپي معاملن جي وزير تنجا فاجون سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ يورپي يونين، بيلجيم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ …

برسلز-21نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ منعقد ٿيندڙ چوٿين يورپي يونين انڊو-پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي سلووينيا جي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ يورپي معاملن جي وزير تنجا فاجون سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ يورپي يونين، بيلجيم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جو سفير رحيم حيات قريشي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سلووينيا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سان گڏوگڏ يورپي يونين جي وسيع فريم ورڪ جي اندر تعاون کي وڌائڻ تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ جمهوريه سلووينيا جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو پُڻ اظهار ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ سلووينيا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين علائقائي ۽ عالمي سلامتي بابت اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سلووينيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت بابت هڪ مفاهمت جي يادداشت تي به صحيحُون ڪيُون.

مزید خبریں