برسلز-21نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ چوٿين يورپي يونين انڊو-پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي ڊينمارڪ پرڏيهي وزير لارس لوڪي راسموسن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان-ڊينمارڪ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي معيشت، …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

مزید خبریں
برسلز-21نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ چوٿين يورپي يونين انڊو-پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي ڊينمارڪ پرڏيهي وزير لارس لوڪي راسموسن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان-ڊينمارڪ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي معيشت، سيڙپڪاري، واپار، گرين انرجي ۽ ماڻهن کان ماڻهن جي مٽاسٽا ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن گهڻ طرفي فورمن خاص طور تي 2025ع ۽ 2026ع جي مدت لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ساٿي غير مستقل ميمبرن جي حيثيت سان ويجها رابطا برقرار رکڻ تي به اتفاق ڪيو.






