يورپي يونين جي توثيق کانپوءِ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جو مڪروه چهرو عالمي سطح تي بي نقاب، افغانستان ۾ موجود دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي پاڪستان جي موقف جي تائيد

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) يورپي يونين جي توثيق کانپوءِ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جو مڪروه چهرو عالمي سطح تي بي نقاب ٿي ويو، يورپي يونين افغانستان ۾ موجود دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. تفصيل موجب يورپي يونين جي سفير پاڪستان جو طالبان کان ڪالعدم ٽي ٽي پي (فتنه الخوارج) خلاف ڪارروائي جو مطالبو معقول قرار ڏئي ڇڏيو. يورپي يونين جي …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) يورپي يونين جي توثيق کانپوءِ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جو مڪروه چهرو عالمي سطح تي بي نقاب ٿي ويو، يورپي يونين افغانستان ۾ موجود دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. تفصيل موجب يورپي يونين جي سفير پاڪستان جو طالبان کان ڪالعدم ٽي ٽي پي (فتنه الخوارج) خلاف ڪارروائي جو مطالبو معقول قرار ڏئي ڇڏيو. يورپي يونين جي سفير رائمونڊاس ڪاروبلس چيو ته پاڪستان جو افغانستان کان ٽي ٽي پي (فتنه الخوارج) خلاف قدمن جو مطالبو جائز ۽ حقيقي سيڪيورٽي ڳڻتي جي بنياد تي آهي، يورپي يونين دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جا خدشا سرحد پار کان پيدا ٿيل سيڪيورٽي خطرن تي ٻڌل آهن، يورپي يونين جي سفير توثيق ڪئي ته افغانستان ۾ موجود عسڪريت پسند پاڪستان ۾ هاڻوڪن حملن ۾ ملوث آهن. پاڪستان دليلن ۽ ثبوتن جي بنياد تي موقف مڃرايو ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان افغانستان مان سرگرم آهن. يورپي يونين جي سرحد پار کان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي خطرن جي توثيق پاڪستان جي موقف جي شاندار ڪاميابي آهي.

مزید خبریں