سردار اياز صادق پاران ڪي پي ڪي ۾ مختلف ڪامياب ڪاررواين ۾ خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق مهمند، لڪي مروت ۽ـ ٽانڪ ۾ ڪامياب ڪاررواين ذريعي خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن چيو ته قومي سلامتي ۽ ملڪي دفاع لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار فخر جوڳو آهي. دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق مهمند، لڪي مروت ۽ـ ٽانڪ ۾ ڪامياب ڪاررواين ذريعي خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن چيو ته قومي سلامتي ۽ ملڪي دفاع لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار فخر جوڳو آهي. دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ جاري آپريشنز تي پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروايون سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت آهن. دهشتگرديءَ جي ناسور خلاف پاڪ فوج ۽ـ پوري قومي متحد آهي. دهشتگردي سان پاڪ پاڪستان اسان سڀني جي گڏيل منزل آهي.

مزید خبریں