خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري معلوماتي وڊيو ڏٺي

ابوظهبي – 20 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري ڊائريڪٽر جنرل يونين نوره خليفه السويدي ۽ چيئرپرسن اسٽريٽجڪ معاملا غاليه المناعي سان گڏ اماراتي عورتن جي ڪاميابين ۽ ”ام الامارات“ جي وومين، پيس اينڊ سيڪيورٽي قدمن بابت هڪ معلوماتي وڊيو ڏٺي. وڊيو ۾ اماراتي عورتن جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ۽ ”مدر آف دي نيشن“ پاران عورتن، امن …

ابوظهبي – 20 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري ڊائريڪٽر جنرل يونين نوره خليفه السويدي ۽ چيئرپرسن اسٽريٽجڪ معاملا غاليه المناعي سان گڏ اماراتي عورتن جي ڪاميابين ۽ ”ام الامارات“ جي وومين، پيس اينڊ سيڪيورٽي قدمن بابت هڪ معلوماتي وڊيو ڏٺي. وڊيو ۾ اماراتي عورتن جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ۽ ”مدر آف دي نيشن“ پاران عورتن، امن ۽ سلامتي جي عالمي ايجنڊا ۾ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو ويو. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري شيخه فاطمه بنت مبارڪ وومين، پيس اينڊ سيڪيورٽي انيشي ايٽو جي پنجين بيچ جي شرڪت ڪندڙ عورتن سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں