ابوظهبي – 20 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ جنرل وومينز يونين جي ”الجوهره هال“ جو دورو ڪيو ۽ شيخه فاطمه کي مقامي ۽ عالمي ادارن پاران سندس اعليٰ سماجي ۽ فلاحي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنل اعزازي شيلڊز ۽ ايوارڊز جو مشاهدو ڪيو. اهي ايوارڊز اماراتي عورتن جي بااختيار جي لاءِ شيخه فاطمه جي ڊگهي خدمتن …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري پاران ابوظهبي ۾ جنرل وومينز يونين جي ”الجوهره هال“ جو دورو

مزید خبریں
ابوظهبي – 20 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ جنرل وومينز يونين جي ”الجوهره هال“ جو دورو ڪيو ۽ شيخه فاطمه کي مقامي ۽ عالمي ادارن پاران سندس اعليٰ سماجي ۽ فلاحي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنل اعزازي شيلڊز ۽ ايوارڊز جو مشاهدو ڪيو. اهي ايوارڊز اماراتي عورتن جي بااختيار جي لاءِ شيخه فاطمه جي ڊگهي خدمتن جو ثبوت آهي. ان موقعي تي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري جنرل وومينز يونين جي گيسٽ بڪ تي صحيحون پڻ ڪيون. هن گڏيل عرب امارات پاران عورتن جي تعليم، قيادت ۽ معاشرتي بااختياري جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان عورتن جي ترقياتي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهڙي تعاون ۽ تجربن جي آجيان ڪري ٿو.











