اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ايئرلائين جي نجڪاري جي حوالي سان سمورا مرحلا تيز رفتاري ۽ شفاف طريقي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) جي معاملن تي اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ دفاع واري وفاقي وزير …
وزيراعظم پاران پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان سمورا مرحلا تيز رفتاري ۽ شفاف طريقي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ايئرلائين جي نجڪاري جي حوالي سان سمورا مرحلا تيز رفتاري ۽ شفاف طريقي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) جي معاملن تي اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم قومي ايئرلائين جي نجڪاري جي حوالي سان سمورا مرحلا تيز رفتاري ۽ شفاف طريقي سان مڪمل ڪرڻ، پي آءِ اي جي فليٽ ۾ اڏام جوڳي جهازن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ، پي آءِ اي جي اڏامن جي وقت سر روانگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ان حوالي سان بزنس پلان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان 4 پارٽيز کي پري – ڪواليفائي ڪيو ويو آهي، جلد ئي پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان بڊنگ ٿيندي، پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري ٿيندي، نجڪاري جي حوالي سان اها شرط رکي وئي آهي ته نجڪاري کانپوءِ پي آءِ اي جو نالو ۽ ان جو ٿيم نه بدلايو ويندو، بزنس پلان تحت 2029ع ۾ پي آءِ اي فليٽ ۾ اڏام جوڳي جهازن جو انگ 18 مان وڌائي 38 ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت قومي ايئرلائين 30 کان وڌيڪ شهرن ۾ سروس مهيا ڪري رهي آهي، بزنس پلان تحت 2029ع تائين پي آءِ اي جي سروسز 40 کان وڌيڪ شهرن تائين وڌائي ويندي.











