برسلز – 20 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ نيٽو جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون، علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خلاف ڪوششن، موسمياتي تبديلي، درپيش چئلينجز تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي سان ملاقات

مزید خبریں
برسلز – 20 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ نيٽو جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون، علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خلاف ڪوششن، موسمياتي تبديلي، درپيش چئلينجز تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي قربانين ۽ ڪوششن جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته پاڪستان عالمي ۽ علائقائي امن جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ان موقعي تي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پرامن ماحول جي لاءِ تعميري ڊائيلاگ ۽ حصيداري لازمي آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان کي درپيش ڪيترائي دهشتگردي جا خطرا سرحد پار کان معاونت ۽ سرپرستي جي ڪري جنم وٺن ٿا جن جو تدارڪ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت موثر قدم کڻي رهي آهي. ڌرين پاڪستان ۽ نيٽو جي وچ ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو ۽ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.











