پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر گودي ميڊيا جي ڪوڙي دعوائن ۽ پروپئگنڊه مهم جو پردو چاڪ

اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) ڀارتي ميڊيا ڪوڙ ۽ فريبي خبرون ٺاهڻ جي ماهر، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم جو بيان حقيقت کان هٽي ڪري پيش ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت هڪ ڀيرو ٻيهر گودي ميڊيا جي ڪوڙي دعوائن ۽ پروپئگنڊه مهم جو پردو چاڪ ڪري ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم چوڌري انوارالحق آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ خطاب دوران پنهنجي حڪومت جي دور …

اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) ڀارتي ميڊيا ڪوڙ ۽ فريبي خبرون ٺاهڻ جي ماهر، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم جو بيان حقيقت کان هٽي ڪري پيش ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت هڪ ڀيرو ٻيهر گودي ميڊيا جي ڪوڙي دعوائن ۽ پروپئگنڊه مهم جو پردو چاڪ ڪري ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم چوڌري انوارالحق آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ خطاب دوران پنهنجي حڪومت جي دور جو احاطو ڪيو جيڪو سمورن چينلز تي نشر ٿيو. چوڌري انوارالحق پنهنجي تقرير ۾ ڀارت جي بلوچستان ۾ دهشتگرد پراڪسيز کي سخت ۽ موثر جواب ڏيڻ جي پاليسي جو حوالو ڏنو. چوڌري انوارالحق ياد ڏياريو ته معرڪه حق ۾ پاڪ فوج ڀارت جي خلاف موثر ڪارروائي ڪئي. تقرير ۾ چوڌري انوارالحق معرڪه حق دوران ڀارت جي عبرتناڪ شڪست جي حوالي سان پڻ ڳالهه ڪئي. چوڌري انوارالحق تقرير دوران چيو ته اسان جي هٿياربند فوج (معرڪه حق دوران) اندر گهڙي ماريو ۽ اهڙو ماريو جو اڄ تائين انهن جي (جهازن) جي ڳڻپ پوري ناهي ٿي. ڀارتي گودي ميڊيا آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم جي بيان کي حقيقت کان هٽي ڪري پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ سان واڳيل سوشل ميڊيا پليت فارمز پڻ پروپئگنڊه ڪري ڀارتي سازش جو ڀرپور ساٿ ڏنو. اندروني واقعن تي ٻاهرئين هٿ جي ملوث هجڻ جو الزام ۽ فالس فليگ جي ذريعي جنگ جو جواز پيدا ڪرڻ ڀارتي گودي ميڊيا جو شيوو آهي. ڀارتي ميڊيا لڳاتار نئين دهلي ڌماڪي کي ثبوت کانسواءِ پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش جاري رکي آهي. گودي ميڊيا آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم جي تقرير جي حوالي سان ڪوڙي دعويٰ ۾ چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم اعتراف ڪري ورتو ته تازو دهلي ڌماڪي جي منصوبابندي پاڪستان ڪئي هئي. گودي ميڊيا آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم جي تقرير جي لفظن جو غلط ترجمو ڪندي لکيو ته ڀارت ”لاشن کي ڳڻي نه سگهندو“. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو آهي ته حقيقت ۾ آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم جي تقرير مان ڪجهه شيون وڊيو جي شڪل ۾ کنيو ويو، آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم جي تقرير مان اخذ ڪيل جملن جو دهلي ڌماڪي سان ڪو تعلق نه آهي، آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم جي تقرير ۾ معرڪه حق جو حوالو ڏنو ويو نه وري ڀارت جي اندر ڪنهن تازي واقعي جو حوالو ڏنو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو ته تراشيل ڪلپ ۾ هڪ متبادل لفظ جملي جي معنيٰ کي بدلائي ڇڏيو. ڀارت جي حڪومتي عملدارن بشمول اجيت ڊوڊل ڪيترن ئي موقعن تي ڀارت ۾ امڪاني واقعن کي بلوچستان ۾ انتقامي ڪاررواين سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. اعليٰ ڀارتي عملدارن پاران پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ پراڪسيز جي استعمال جو کلي عام اظهار پڻ ڪيو وڃي ٿو. ڀارتي گودي ميڊيا پاران هٿ ٺوڪيو ۽ حقيقتن جي ابتڙ بيانيو اندروني ڇڪتاڻ کي دٻائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران ڀارتي گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه جي حوالي سان عوام کي خبردار ڪيو ويو آهي ۽ چيو ته تراشيل ڪلپس مان نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مڪمل تقريرن جي متن جي تصديق ڪن. غيرتصديق ٿيل وڊيو تي موجود غلط ترجمي ۽ سنسني خيز ٽيليويزن سب ٽائيٽلز کان هوشيار رهو. تاريخي يا سياسي بيان بازي کي آپريشنل اعترافن جي طور تي پيش ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سيڪيورٽي بابت وڏي دعوائن کي قبول ڪرڻ کان اڳ ميڊيا کان شفاف ذريعن جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں