اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته وقت سر ۽ مؤثر عدالتي فيصلا نه صرف آئيني فرض پر اخلاقي ذميداري به آهن. هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته عدالتي سڌارن جي بقايا ڪمن کي تيز ڪيو وڃي ۽ عوامي اعتماد قائم رکڻ لاءِ شفافيت، مالي نظم و ضبط ۽ معيار کي يقيني بڻايو وڃي. سپريم ڪورٽ پاران …
وقت سر ۽ اثرائتا عدالتي فيصلا نه صرف آئيني فرض پر اخلاقي ذميداري به آهن: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

مزید خبریں
اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته وقت سر ۽ مؤثر عدالتي فيصلا نه صرف آئيني فرض پر اخلاقي ذميداري به آهن. هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته عدالتي سڌارن جي بقايا ڪمن کي تيز ڪيو وڃي ۽ عوامي اعتماد قائم رکڻ لاءِ شفافيت، مالي نظم و ضبط ۽ معيار کي يقيني بڻايو وڃي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس اٺين انٽر ايڪٽو اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ريفارم ايڪشن پلان تحت عدالتي سڌارن جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ نيشنل جسٽس آتوميشن ڪميٽي جي چيئرمين جسٽس محمدعلي مظهر، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار، ڊائريڪٽر جنرل (ريفارمز)، آءِ ٽي ايڊوائيزر همايون ظفر، سپريم ڪورٽ جي سيڪشن هيڊز، فيڊرل جسٽس ايجوڪيشن اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سيڪريٽري لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته ريفارم ايڪشن پلان جي 86 قدمن مان 36 مڪمل، 45 عمل هيٺ ۽ 13 جلد شروع ٿيندا. چيف جسٽس ڪيسز جي ورڇ، رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن، آءِ ٽي انٽيگريشن، عوامي سهولتن ۽ آڊٽ مڪينزم جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته 61900 رڪاڊز جي هدف جي ڀيٽ ۾ 126000 کان وڌيڪ رڪارڊز ڊجيٽلائيز ٿي چڪا آهن ۽ باقي رهيل ڪم مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. اِي ڪورٽس پروجيڪٽ، سافٽ ويئر اپ گريڊيشن، بهتر آءِ ٽي انٽيگريشن ۽ ڪيو آر ڪوڊ ذريعي تصديق ٿيل ڪاپين جي سهولت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيف جسٽس سمورن عدالتن جي مڪمل ڊجيٽل ڪاريءَ لاءِ فوڪسڊ گروپ ڊسڪشنز ڪرائڻ جي هدايت ڏني. عوامي سهولت، ڪالز ۽ شڪايتن جي نظام ۾ بهتري، شهري فيڊ بيڪ لاءِ پرو ايڪٽو رابطن ۾ ٽياڪڙي (اي ڊي آر) ۽ پرفارمنس و سيڪيورٽي آڊٽس تي به غور ڪيو ويو.











