اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل 2 پوليس اهلڪارن سيف الرحمان ۽ رمضان کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪي …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي ويجهو ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل 2 پوليس اهلڪارن سيف الرحمان ۽ رمضان کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي بهادر جوانن جي قربانين کي سلام پيش ڪريان ٿو. ڪي پي ڪي پوليس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائين تي آهي. شهيد پوليس اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ان ڌماڪي ۾ زخمي 4 اهلڪارن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي.











