برسلز – 20 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ يورپي يونين جي گهرو معاملن ۽ مائيگريشن بابت ڪمشنر ميگنس برنر سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تازو ئي منعقد ٿيندڙ پاڪستان – يورپي يونين مائيگريشن موبلٽي ڊائيلاگ جي آجيان ڪئي ۽ يورپي يونين ۾ هنرمند ليبر جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي برسلز ۾ يورپي يونين جي گهرو معاملن ۽ مائيگريشن بابت ڪمشنر ميگنس برنر سان ملاقات

مزید خبریں
برسلز – 20 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ يورپي يونين جي گهرو معاملن ۽ مائيگريشن بابت ڪمشنر ميگنس برنر سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تازو ئي منعقد ٿيندڙ پاڪستان – يورپي يونين مائيگريشن موبلٽي ڊائيلاگ جي آجيان ڪئي ۽ يورپي يونين ۾ هنرمند ليبر جي قانوني لڏپلاڻ کي آسان بڻائڻ ۽ انهن کي منظم ڪرڻ جي لاءِ ”ڊائيلاگ فريم ورڪ“ جي افاديت تي روشني وڌي. ٻنهي ڌرين لڏپلاڻ ۽ مزدورن جي چرپر سان لاڳاپيل معاملن تي ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح کي ساراهيو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ”يورا معاهدي“ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. يورپي يونين جي ڪمشنر ميگنس برنر غيرقانوني هجرت کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين ”پاڪستان – يورپي يونين ٽيلينٽ پارٽنرشپ روڊ ميپ“ جي ذريعي غيرقانوني هجرت کي روڪڻ ۽ قانوني رستن کي فعال بڻائڻ جي حمايت ۽ مدد جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ يورپي يونين بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جو سفير رحيم حيات قريشي پڻ ملاقات دوران موجود هئا.











