پارليامينٽ هاڻوڪي آئيني ترميم ذريعي آئيني عدالت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ملڪي وفاقي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين ۾ ترميم جو اختيار هميشه پارليامينٽ وٽ رهيو آهي ۽ جيستائين پاڪستان آئيني طريقي سان هلي رهيو آهي هي اختيار پارليامينٽ وٽ ئي رهندو. هن چيو ته پارليامينٽ عوام جي چونڊيل نمائندن تي ٻَڌل آهي ۽ ملڪ کي هلائڻ جو اختيار ان وٽ ئي هئڻ گهرجي. اها ڳالهه آئين ۾ …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين ۾ ترميم جو اختيار هميشه پارليامينٽ وٽ رهيو آهي ۽ جيستائين پاڪستان آئيني طريقي سان هلي رهيو آهي هي اختيار پارليامينٽ وٽ ئي رهندو. هن چيو ته پارليامينٽ عوام جي چونڊيل نمائندن تي ٻَڌل آهي ۽ ملڪ کي هلائڻ جو اختيار ان وٽ ئي هئڻ گهرجي. اها ڳالهه آئين ۾ لکيل آهي. هو مرحوم سينيٽر عرفان صديقي جي ياد ۾ منعقد تعزيتي ريفرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته پارليامينٽ هاڻوڪي آئيني ترميم ذريعي آئيني عدالت جي قيام جو فيصلو ڪري ملڪي وفاقي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيو آهي جنهن ۾ چئني وحدتن کي برابر جي نمائندگي ڏني وئي آهي ته جيئن قومي سطح جي آئيني ۽ قانوني معاملن ۾ توازن برقرار رهي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته 2006ع ۾ سياسي قيادت ان تي اتفاق ڪيو هو ته جڏهن صوبن وچ ۾ آئيني تڪرار هجي يا ڪو اهم قومي نوعيت جو آئيني سوال عدالت ۾ اچي ته اهڙي عدالت هئڻ گهرجي جنهن ۾ سمورن وحدتن جي برابريءَ جي نمائندگي هجي، موجوده ترميم ان تصور جو عملي اظهار آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي نمائندگي به شامل ڪئي وئي آهي جڏهن ته هي صوبن جي برابري جي نمائندگي سان اڌ کان وڌيڪ نه هوندي. هن چيو ته عوام جي روزمره جي حقن، آئين جي آرٽيڪل 199 تحت داخل پٽيشنز جي ڌار ٻُڌڻيءَ لاءِ آئيني عدالت جو قيام ضروري هو جڏهن ته فوجداري، ديواني، بئنڪاري، ڪمرشل ۽ سروس معاملا سپريم ڪورٽ جي ئي دائره ڪار ۾ رهندا ته جيئن عوام کي انصاف حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ جو مُنهن نه ڏسڻو پوي. مرحوم سينيٽر عرفان صديقي کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته هو منطق، اعتدال ۽ فهم و فراست ذريعي  مسئلن جو حل ڪڍڻ جو صلاحيت رکندو هو ۽ اعليٰ پايه جو صحافي صاحبِ بصيرت سياستدان جو مالڪ هو. هن چيو ته عرفان صديقي جي قومي خدمتن ۽ فڪري جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندو.

مزید خبریں