پاڪستان ڪيريڪ ڊجيٽل ڪوريڊور جي تجويز کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو: عبدالعليم خان

بشڪيڪ-20 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ڪيريڪ 2030ع جي وچين مُدي جي جائزي کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان ڪيريڪ ڊجيٽل ڪوريڊور جي تجويز کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. ڪالهه مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب عبدالعليم خان جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني وفد 24هين ڪيريڪ وزاتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. وزارتي ڪانفرنس ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي …

بشڪيڪ-20 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ڪيريڪ 2030ع جي وچين مُدي جي جائزي کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان ڪيريڪ ڊجيٽل ڪوريڊور جي تجويز کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. ڪالهه مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب عبدالعليم خان جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني وفد 24هين ڪيريڪ وزاتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. وزارتي ڪانفرنس ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ميزبانيءَ ۾ بشڪيڪ، ڪرغز، جمهوريه جي دارالحڪومت بشڪيڪ ۾ منعقد ٿي. وفاقي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي قيادت جو خاص طور ٿورو مڃيندي چيو ته اي ڊي بي جي قيادت پاڪستان ۽ خطي جي تعاون جي ايجنڊا ۾ مسلسل مدد فراهم ڪئي. هن چيو ته ان سال جو موضوع گرين اينڊ ڊجيٽل ڪيريڪ خطي جي پائيدار موسمياتي لحاظ کان محفوظ مستقبل جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. ان سال جو موضوع پاڪستان جي گرين گروٿ، ڪاربان ۾ گهٽتائي، معيشت ۾ ڊجيٽل ترقيءَ کي قومي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ڪيريڪ 2030ع جي وچين مُدي جي جائزي کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان ٽرانسپورٽ ڊجيٽلائزيشن ۽ واپار جي شعبن ۾ جوڙيل ايڪشن پلان ۽ اپ ڊيٽ ٿيل حڪمت عملي جي آجيان ڪري ٿو. لينڊ پورٽل اٿارٽي ايڪٽ 2025ع لاڳو ڪرڻ TIR/eTIR نظام جي پکيڙ جو بارڊر پار محفوظ ۽ بنا ڪاغذن جي واپار کي ممڪن بڻائي ٿو. وفاقي وزير چيو ته سنگل ونڊو جي ذريعي اليڪٽرانڪ سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ ۽ راست کي هٿي ڏيڻ پاڪستان جي معيشت ۾ شفافيت رفتار ۽ مالي شموليت کي وڌائي ٿو. پاڪستان کي مستحڪم سڌارن تي ٻَڌل ۽ ڊجيٽل معيشت طرف وٺي وڃي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪيريڪ ڊجيٽل ڪوريڊور جي تجويز کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. پاڪستان ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ دلچسپي رکندڙ ميمبر ملڪن سان ان منصوبي جي فزيبلٽي، ڊزائين ۽ باقي رُخن تي به ويجهو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ڪريڪ ڊجيٽل ڪوريڊور کي وڌائڻ لاءِ هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي ۽ ڪلائميٽ اينڊ سسٽينبيلٽي پروجيڪٽ پريٽري فنڊ جي قيام آجيان ڪئي. هن چيو ته هي فنڊ ڪيريڪ خطي ۾ موسمياتي لچڪ کي مضبوط بنائڻ لاءِ نهايت اهم سنگ ميل آهي. پاڪستان موسمياتي تبديلي جي شديد خطرن ۾ ورتل آهي، شديد موسمي حالتون زندگين، انفراسٽرڪچر ۽ اقتصادي ترقيءَ کي متاثر ڪري سگهن ٿا. گڏيل ماحولياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اي ڊي بي طرفان قدمن تي زور ڀريو ويو ۽ چيو ته واضح نتيجن تي ٻَڌل ڊيش بورڊ ذريعي وزير ۽ پنهنجي نيشنل فوڪل پوائنٽس کي باقاعده اڳڀرائي فراهم ڪرڻ نهايت ضروري آهي. اجتماعي ڪوششون جدت ۽ پائيدار ترقيءَ جي ذريعي خطو وڌيڪ مربوط لچڪدار ۽ خوشحال مستقبل حاصل ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ڪريڪ ملڪن سان ويجهو تعاون جاري رکندو. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه به پاڪستاني وفد سان ڪانفرنس ۾ شريڪ هئي.

مزید خبریں