اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) گهروم معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قومي ڏينهن تي سلطنت عمان جي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته عمان جي روشن تاريخ جو ڏينهن جنهن ملڪ کي اتحاد، استحڪام ۽ روشن مستقبل جو مضبوط بنياد فراهم ڪيو. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته عمان جي ولوله انگيز قيادت ۽ دانشمنداڻي رهنمائي سلطنت عمان کي ترقي ۽ …
گهرو وزير محسن نقوي پاران قومي ڏينهن تي سلطنت عمان جي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) گهروم معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قومي ڏينهن تي سلطنت عمان جي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته عمان جي روشن تاريخ جو ڏينهن جنهن ملڪ کي اتحاد، استحڪام ۽ روشن مستقبل جو مضبوط بنياد فراهم ڪيو. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته عمان جي ولوله انگيز قيادت ۽ دانشمنداڻي رهنمائي سلطنت عمان کي ترقي ۽ خوشحالي جي بلندين تائين وٺي وڃي رهي آهي، عمان جي معاشي اڳڀرائي ۽ جديد انفراسٽرڪچر ملڪ جي پائيدار ويزن ۽ ترقياتي عمل جي واضح شڪل آهي. پاڪستان ۽ عمان جا گڏيل لاڳاپا گڏيل قدرن ۽ پراڻن ثقافتي رابطن تي قائم هڪ مضبوط حصيداري تي آهن. هن چيو ته پاڪ عمان تعاون خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ مضبوط ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿو، عوامي سطح تي رابطا ۽ ثقافتي هم آهنگي ٻنهي ملڪن جي دوستي کي وڌيڪ پختو ۽ سگهه ڏئي رهي آهي. ٻئي ملڪ مستقبل ۾ واپار، ترقي ۽ انساني وسيلن جي شعبن ۾ وڌيڪ ويجهي سهڪار جا خواهشمند آهن. پاڪستان ۽ عمان جي برادراڻي دوستي گڏيل احترام ۽ روشن مستقبل جي مضبوط بنياد طور پنهنجو سفر جاري رکيو آهي.











