اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن گوادر جو دؤرو ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي سي پيڪ جي اسٽريٽجڪ اهميت، گوادر پورٽ جي محفوظ آپريشن ۽ سامونڊي پٽي جي نگراني جي نظام کان آگاهه ڪيو ويو. تفصيل موجب جنرل آفيسر ڪمانڊنگ (جي او سي) گوادر خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. دؤري دوران چائينا بزنس سينٽر گوادر ۾ خصوصي بريفنگ جو بندوبست ڪيو …
27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن جو گوادر جو دؤرو

مزید خبریں
اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن گوادر جو دؤرو ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي سي پيڪ جي اسٽريٽجڪ اهميت، گوادر پورٽ جي محفوظ آپريشن ۽ سامونڊي پٽي جي نگراني جي نظام کان آگاهه ڪيو ويو. تفصيل موجب جنرل آفيسر ڪمانڊنگ (جي او سي) گوادر خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. دؤري دوران چائينا بزنس سينٽر گوادر ۾ خصوصي بريفنگ جو بندوبست ڪيو ويو ان موقعي تي گوادر پورٽ جي ترقياتي رٿائن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. جي او سي گوادر امن ۽ استحڪام سان گڏوگڏ سيڙپڪاري، واپار ۽ مقامي ترقياتي رٿائن جي تحفظ کي پهرين ترجيح قرار ڏنو. سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگرديءَ جي روڪٿام، اسمگلنگ تي ڪنٽرول ۽ سامونڊي علائقن جي تحفظ لاءِ مربوط آپريشنز جاري آهن. شرڪت ڪندڙن مڪران ڊويزن ۾ امن جي قيام محفوظ ماحول ۽ ترقيءَ جو رفتار تيز ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو. سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن علائقي ۾ مثبت مستقل تبديلي سيڙپڪاريءَ جي امڪانن ۽ بهترين سيڪيورٽي مئنجمينٽ کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو. شرڪت ڪندڙن پاڪستان پوائنٽ گوادر ۽ پاڪستان نيول شپ جو به دؤرو ڪيو.











