ڊيره اسماعيل خان-20 نومبر (اي پي پي) ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس چوڪي ٽڪواڙه جي بڪتر بند گاڏي وٽ ڌماڪيدار مادي جي ڌماڪي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا. پوليس چوڪي ٽڪواڙه جي بڪتربند گاڏي کي نشانو بڻايو ويو. هٿاله گلوٽي روڊ تي ڪڙي ملنگ ويجهو اڻڄاتل دهشتگردن ڌماڪيدار مادي ذريعي ڌماڪو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ٿيو. ڌماڪي سبب 2 اهلڪار سپاهي سيف الرحمان …
ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس چوڪي ٽڪواڙه جي بڪتر بند گاڏي وٽ ڌماڪو، 2 اهلڪار شهيد، 4 زخمي

مزید خبریں
ڊيره اسماعيل خان-20 نومبر (اي پي پي) ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس چوڪي ٽڪواڙه جي بڪتر بند گاڏي وٽ ڌماڪيدار مادي جي ڌماڪي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا. پوليس چوڪي ٽڪواڙه جي بڪتربند گاڏي کي نشانو بڻايو ويو. هٿاله گلوٽي روڊ تي ڪڙي ملنگ ويجهو اڻڄاتل دهشتگردن ڌماڪيدار مادي ذريعي ڌماڪو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ٿيو. ڌماڪي سبب 2 اهلڪار سپاهي سيف الرحمان ۽ ڊرائيور رمضان شهيد ٿي ويا. جڏهن ته 4 اهلڪار محبوب عالم، ڪفايت، آصف رحمان ۽ شاهد زخمي ٿي پيا آهن. سمورن زخمي اهلڪارن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.











