قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران اسلامي يڪجھتي راندين ۾ ارشد نديم کي سون ۽ محمد ياسر کي چاندي جو تمغو کٽڻ تي خراج تحسين

اسلام آباد - 20 نومبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اسلامي يڪجھتي راندين ۾ ارشد نديم کي سون ۽ محمد ياسر کي چاندي جو تمغو کٽڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنھنجي پيغام ۾ ھن اسلامي يڪجھتي راندين ۾ پاڪستاني جيولن رانديگرن جي ڪارڪردگي تي مبارڪون ڏنيون ۽ ارشد نديم کي سون ۽ محمد ياسر کي چاندي جو ميڊل کٽڻ تي سندن صلاحيتن ۽ محنت جي تعريف ڪئي. ھن چيو ته پاڪستاني جيولن ايٿليٽس عالمي مقابلن ۾ ملڪ …

اسلام آباد – 20 نومبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اسلامي يڪجھتي راندين ۾ ارشد نديم کي سون ۽ محمد ياسر کي چاندي جو تمغو کٽڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنھنجي پيغام ۾ ھن اسلامي يڪجھتي راندين ۾ پاڪستاني جيولن رانديگرن جي ڪارڪردگي تي مبارڪون ڏنيون ۽ ارشد نديم کي سون ۽ محمد ياسر کي چاندي جو ميڊل کٽڻ تي سندن صلاحيتن ۽ محنت جي تعريف ڪئي. ھن چيو ته پاڪستاني جيولن ايٿليٽس عالمي مقابلن ۾ ملڪ جي ساک ۽ وقار کي وڌائي رھيا آھن، ارشد نديم ۽ محمد ياسر محنت ۽ دل سان قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو. ھن چيو ته رانديگرن ۽ ڪوچز جي مسلسل جدوجھد پاڪستان کي نمايا حيثيت تي آندو، مختلف عالمي ايونٽس ۾ پاڪستاني رانديگرن کي بھترين ڪارڪردگي سبب فخر آھي، حڪومت ملڪ ۾ راندين کي ھٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن کي بھتر سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھي آھي.

مزید خبریں