پاڪستان گرين پاڪستان پروگرام تحت نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن: وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان اپ اسڪيلنگ گرين پاڪستان پروگرام تحت ٻيلن جي بحالي، وڻڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ ماحولياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هو ڪوپ -30 جي موقعي تي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد سائيڊ ايونٽ کي خصوصي وڊيو پيغام ذريعي خطاب ڪري رهيو …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان اپ اسڪيلنگ گرين پاڪستان پروگرام تحت ٻيلن جي بحالي، وڻڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ ماحولياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هو ڪوپ -30 جي موقعي تي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد سائيڊ ايونٽ کي خصوصي وڊيو پيغام ذريعي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب جو مقصد پاڪستان جي ٻيلن جو تحفظ، بنجر زمينن جي بحالي ۽ وڻڪاري جي وسيع منصوبن بابت اڳڀرائي کي عالمي برادري آڏو اجاگر ڪرڻ هو. ايونٽ ۾ ماحوليات جي عالمي ماهرن، ترقياتي ادارن جي نمائندن ۽ عالمي ماحولياتي تنظيمن جي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻيلن جي بحالي ۽ موسمياتي لچڪ تي هڪ خصوصي پينل بحث به ٿيو. پنهنجي خطاب ۾  ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته عالمي سطح تي موسمياتي بحث جو محور گرين هائوس گئسن ۾ گهٽتائي، جن کي بنيادي طور تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي نيڪال ذريعي ماپيو ويندو آهي. هن چيو ته حقيقي ضرورت ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي نيڪال ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ اهڙن قدرتي نظامن کي هٿي ڏيڻ آهي جيڪي وڏي مقدار ۾ ڪاربان جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن. وڻ حقيقت ۾ اهي فيڪٽريون آهن جيڪي ماحول مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ۽ آڪسيجن پيدا ڪنديون آهن. وفاقي وزير چيو ته وڻ نه رڳو نيڪال ۾ گهٽتائي (Mitigation) لاءِ اڻٽر آهن پر موسمياتي موافقت لاءِ به انتهائي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته گرين پاڪستان پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ غير آباد ۽ بنجر زمينن تي اربين ٻوٽا لڳائي ٻيهر آباد ڪيو ويو آهي. ان قدم مقامي برادرين ۾ ماحولياتي دوستي جي رجحان کي هٿي ڏني آهي ۽ ماڻهن کي ٻيلن جي تحفظ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي ٻيلن جي تحفظ لاءِ گڏ بيٺل آهيون ۽ سڄي دنيا جي ٻيلن جي تحفظ لاءِ پڻ پرعزم آهيون، ڇاڪاڻ ته اهي ئي اسان جي موسمياتي مستقبل ۽ بقاءَ جي ضمانت آهن. ايونٽ دوران وزارت جي تيار ڪيل هڪ مختصر دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي جنهن ۾ پروگرام تحت وڻڪاري، ڪميونٽي شموليت ۽ ماحول دوست قدمن کي نمايان ڪيو ويو.

مزید خبریں