هر ٻار کي پوليو کان محفوظ رکڻ اسان جي گڏيل قومي ذميواري آهي: عائشه رضا فاروق

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٻارن جو عالمي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هر ٻار کي پوليو کان محفوظ رکڻ اسان جي گڏيل قومي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان هِن ڏينهن تي ان عزم کي هڪ دفعو ٻيهر ورجائي ٿو ته ملڪ …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٻارن جو عالمي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هر ٻار کي پوليو کان محفوظ رکڻ اسان جي گڏيل قومي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان هِن ڏينهن تي ان عزم کي هڪ دفعو ٻيهر ورجائي ٿو ته ملڪ جي سمورن ٻارن کي پوليو کان پاڪ ۽ صحتمند مستقبل فراهم ڪيو ويندو. پنهنجي پيغام ۾ عائشه رضا فاروق چيو ته صحتمند ننڍپڻ جي شروعات هر ٻارکي پوليو کان تحفظ ڏيڻ سان ٿيندي آهي. هن والدين تي زور ڀريو ته هر پوليو جي خاتمي واري قومي مهم دوران پنهنجي پنجن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ٻه ڦڙا ضرور پياريو. هن جو چوڻ هو ته پوليو کان بچاءُ جي ويڪسين محفوظ، موثر ۽ ٻارن جي مستقبل جي تحفظ جي ضامن آهي. هن چيو ته ٻارن جو عالمي ڏينهن ان حقيقت کي اجاگر ڪري ٿو ته پاڪستان جا ٻار تڏهن ئي ترقي ڪري سگهن ٿا جڏهن هو پوليو جهڙي موذي مرض کان محفوظ هجن. هن چيو ته اڄ ٻارن کي پوليو کان بچايو، ته جيئن سڀاڻي جو پاڪستان وڌيڪ مضبوط، محفوظ ۽ صحتمند هجي. عائشه رضا فاروق معاشري جي سمورن طبقن تي زور ڀريو ته هو پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور تعاون ڪن ته جيئن ڪو به ٻار ويڪسين کان محروم نه رهجي وڃي. هن چيو ته هن ڏينهن تي اسان کي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته اسان پوليو جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رکنداسين ۽ هر ٻار تائين پوليو ويڪسين جي پهچ يقيني بڻائينداسين.

مزید خبریں