بئنڪن جي ڊپازٽس ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو، ننڍي مدي وارن قرضن ۾ گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) بئنڪن جي ڊپازٽس ۽ سيڙپڪاري ۾ ساليانو بنيادن تي اضافو جڏهن ته ننڍي مدي وارن قرضن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن موجب آڪٽوبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 35149 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال آڪٽوبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ڊپازٽس جو …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) بئنڪن جي ڊپازٽس ۽ سيڙپڪاري ۾ ساليانو بنيادن تي اضافو جڏهن ته ننڍي مدي وارن قرضن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن موجب آڪٽوبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 35149 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال آڪٽوبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ڊپازٽس جو مجموعي ڳاڻيٽو 31116 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر ۾ ڊپازٽس ۾ ماهوار بنيادن تي 0.2 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. سيپٽمبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 35211 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن موجب آڪٽوبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي سيڙپڪاري (اسٽاڪ) جو ڳاڻيٽو 36547 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ 26.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال آڪٽوبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 28938 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر ۾ بئنڪن جي سيڙپڪاري ۾ ماهوار بنيادن تي 2 سيڪڙو اضافو ٿيو. سيپٽمبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 35816 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو.  انگن اکرن موجب آڪٽوبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ننڍي مدي وارن قرضن جو ڳاڻيٽو 13279 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو گذريل سال آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ 3.6 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل سال آڪٽوبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي مختصر مدي جي قرضن جو ڳاڻيٽو 13779 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو، سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر ۾ بئنڪن جي ننڍي مدي وارن قرضن ۾ ماهوار بنيادن تي 1.3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي هئي. سيپٽمبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ننڍي مدي وارن قرضن جو ڳاڻيٽو 13456 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. اسٽيٽ بئنڪ موجب سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر ۾ قرضن جي ڀيٽ ۾ ڊپازٽس جي شرح ۾ ساليانو بنيادن تي 650 بيسز پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي. آڪٽوبر جي پڄاڻي تي ڊپازٽس جي ڀيٽ ۾ قرضن جي شرح 37.8 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. اها شرح گذريل سال آڪٽوبر جي پڄاڻي تي 44.3 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي.

مزید خبریں