وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران ڊي آءِ خان جي علائقي ڪلاچي ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي ٿيندڙ بم ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڊي آءِ خان جي علائقي ڪلاچي ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي ٿيندڙ بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هن حملي کي هڪ شرمناڪ دهشتگرد ڪارروائي قرار ڏيندي چيو ته اهڙا قدم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿا ڪري سگهجن. وقتي صدر شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن جي …

اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڊي آءِ خان جي علائقي ڪلاچي ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي ٿيندڙ بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هن حملي کي هڪ شرمناڪ دهشتگرد ڪارروائي قرار ڏيندي چيو ته اهڙا قدم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿا ڪري سگهجن. وقتي صدر شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ملڪ جي تحفظ ۽ عوام جي سلامتي جي لاءِ وسارڻ نه جوڳيون نه آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها سيڪيورٽي فورسز سان تعاون جاري رکي ۽ دهشتگردي جي اهڙن قدمن جي خلاف متحد رهي.

مزید خبریں