باغ – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي فتوحات جو دائرو معاشي ميدان تائين وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چئن ڏينهن واري جنگ کانپوءِ ڀارتي فوج گوڏن ڀر اچي وئي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي انهن جو حق ملڻ تائين پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، دانش اسڪولز مان فارغ ٿيندڙ …
پاڪستان جي فتوحات جو دائرو معاشي ميدان تائين وڌايو ويندو، چئن ڏينهن واري جنگ کانپوءِ ڀارتي فوج گوڏن ڀر اچي وئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
باغ – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي فتوحات جو دائرو معاشي ميدان تائين وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چئن ڏينهن واري جنگ کانپوءِ ڀارتي فوج گوڏن ڀر اچي وئي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي انهن جو حق ملڻ تائين پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، دانش اسڪولز مان فارغ ٿيندڙ عام خاندانن جا شاگردن ۽ شاگردياڻيون به انجنيئرز، ڊاڪٽرز بڻجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي باغ ضلعي جي علائقي هاڙي گهل ۾ دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ، وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، احسن اقبال، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کانسواءِ معززين ۽ علائقي واسين جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته باغ ۾ باغ دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکندي انتهائي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، هي اها دانشگاهه آهي جنهن جو سفر اسان پنجاب کان شروع ڪيو هو، اڄ پوري پاڪستان ۾ اهي دانشگاهون ڏينهن رات تعمير ۽ ترقي جي ذريعي وڌي ويجهي رهيون آهن، ڀمڀر ۾ دانش اسڪول جو 35 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته تعليم کاتي کي باغ جي دانش اسڪول کي 23 مارچ 2026ع تي افتتاح ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، دانش اسڪول جو دائرو واديءَ نيلم تائين ڦهلايو ويندو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فارورڊ ڪهوٽه ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سندس خواهش تي فارورڊ ڪهوٽا جي لاءِ تحفي طور دانش اسڪول جو اعلان ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪول پاڪستان جي ناليواري تعليمي ادارن جي برابر آهن، دانش اسڪولن ۾ غريبن جا ٻار بهترين تعليمي سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن، ميرٽ تي مفت ۽ بهترين تعليم ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن جو جيڪو خواب ڏٺو هو ان جي تڪميل جو وقت اچي ويو آهي، عوام کي اهڙين تعليمي سهولتن جي فراهمي علامه اقبال ۽ قائداعظم جو ويزن هو، دانش اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻار پاڪستان جو نالو روشن ڪندا ۽ ان کي عظيم ملڪ بڻائيندا. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن مان غريب ۽ يتيم ٻارن کي پڻ انجنيئر، ڊاڪٽر بڻجڻ جو موقعو ملي ۽ ڪيمبرج جهڙن ادارن ۾ به اهي ٻار پهچي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندا. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي تازي رپورٽ جي آجيان ڪئي جنهن پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان پاران ڀارت کي زوردار ٿپڙ هڻڻ تي تصديقي ٺپو هڻي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ بار بار ڀارتي جهاز ڪيرائڻ جو ذڪر ڪري ٿو، پاڪستان کي جيڪا عزت اڄ ملي آهي اها اسان جي بهادر جوانن ۽ شاهينن جي بهترين ڪارڪردگي جي ڪري ملي آهي، اسان جي هٿياربند فوج ڀارت تي الفتح ميزائيل هڻي چار ڏينهن ۾ ان کي ڪنڌ ڀر ڪيرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي مشاورت اسان بنا ڪنهن خوف جي فيصلا ڪيا. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي دليري ۽ فتوحات جي ڪري پاڪستان جو دنيا ۾ وقار بلند ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عسڪري ۽ جنگي صلاحيتن کي مڃرائڻ کانپوءِ معاشي ميدان ۾ به فتوحات جو دائرو وڌايو ويندو جنهن جي لاءِ حڪومت ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، جيڪي قومون معاشي طور تي ترقي نه ٿيون ڪن اهي ڪامياب ناهن ٿينديون. وزيراعظم چيو ته هڪ ڏينهن ايندو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي انهن جو حق ملندو ۽ انهن جا ٻار به دانش اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندا. هن پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي قيادت تي ٻڌل ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جو يقين ڏياريندي چيو ته آزاد جو وزيراعظم گورننس جو مثالي معيار قائم ڪري، آزاد ڪشمير جي عوام کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان کان اڳ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ دانش اسڪولن جو دائرو آزاد ڪشمير تائين وڌائڻ تي پاڪستان جي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آزاد ڪشمير سان وابستگي ڪنهن کان لڪل نه آهي. هن پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته اڄ پوري دنيا پاڪستان جي ڪامياب جي معترف آهي، اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر آهي، ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوج مقرر ڪري اتان جي عوام جون زندگيون زهر ڪري ڇڏيُون آهن، اسان پنهنجي هٿياربند فوج جي جوانن جي جرئت ۽ بهادري جي ڪري سُک جي ننڊ سمهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڪشميرين جي بهترين ترجماني ڪري رهي آهي ۽ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق هر صورت ۾ ملندو. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير امير مقام تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ذهين شاگردن کي اهڙي موقعي جي ڳولا هئي ته وزيراعظم ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ دانش اسڪولن جي قيام جو خواب پورو ڪري رهيو آهي، دانش اسڪولن جي قيام جو اهو قدم تاريخ جو حصو بڻجندو، وزيراعظم ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو، توهان دُنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃو پاڪستان کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته جنهن ويزن جي شروعات وزيراعظم محمد شهباز شريف خادم پنجاب جي حيثيت سان ڪئي هئي، اڄ ان جي تڪميل ٿي رهي آهي، ان تعليمي درسگاهه جي ذريعي وزيراعظم ملڪ جي ٻارن جي لاءِ جيڪو خواب ڏٺو اهو حقيقت بڻجي پوري ملڪ ۾ پکڙجي چڪو آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ته مستحق ۽ هوشيار شاگردن جون زندگيون بڻائڻ جو خواب اڄ پورو ٿي رهيو آهي، دانش اسڪول پراجيڪٽ ٻارن جون زندگيون بدلائي رهيو آهي، شهباز شريف 2010ع ۾ پنجاب جي وڏي وزير طور پنجاب دانش اسڪول جو بنياد رکيو، پنجاب دانش اٿارٽي کي پاڪستان دانش اٿارٽي بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هاڙي گهل باغ ۾ دانش اسڪول بڻجڻ وڃي رهيو آهي.











