سعودي عرب جي ولي عهد جي درخواست بعد سوڊان تي ڪم شروع ڪنداسين: آمريڪي صدر

واشنگٽن-20 نومبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو سوڊان ۾ جنگ جي خاتمي تي ڪم شروع ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان آمريڪي سيڙپڪاري فورم ۾  چيو ته مان سوڊان جي معاملي تي ڪو طاقتور ڪم ڪيان .هن  وڌيڪ چيو ته ان معاملي ۾ ملوث هجڻ منهنجي ايجنڊه ۾ شامل نه هيو پر مان رڳو اهو ڏسي رهيو آهيان ته اهو اوهان لاءِ ۽ هتي …

واشنگٽن-20 نومبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو سوڊان ۾ جنگ جي خاتمي تي ڪم شروع ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان آمريڪي سيڙپڪاري فورم ۾  چيو ته مان سوڊان جي معاملي تي ڪو طاقتور ڪم ڪيان .هن  وڌيڪ چيو ته ان معاملي ۾ ملوث هجڻ منهنجي ايجنڊه ۾ شامل نه هيو پر مان رڳو اهو ڏسي رهيو آهيان ته اهو اوهان لاءِ ۽ هتي موجود گهڻن دوستن لاءِ سوڊان ڪيترو اهم آهي ۽ اسان سوڊان تي ڪم شروع ڪنداسين. آمريڪي صدر پنهنجي خطاب ۾ سوڊان جنگ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته سوڊان ۾ تڪرار جي حل جي حوالي سان ڪا ڳالهه ايجنڊه ۾ شامل نه هئي پر جڏهن شهزاده محمد بن سلمان چيو ته پوءِ ان بابت غور شروع ڪيو.

مزید خبریں