آستانه-20 نومبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) ڪرغزستان ۽ تاجڪستان کي قدرتي آَفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ 56.4 ملين ڊالرن جي نئين پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻئي ملڪ زلزلن، ٻوڏن ۽ ٻين قدرتي آفتن جي خطرن جي ور چڙهيل آهن پر انهن وٽ مالي وسيلن ۽ رسڪ ٽراسفر سسٽمز محدود آهن. اي ڊي بي موجب …
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران ڪرغزستان ۽ تاجڪستان کي قدرتي آَفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد لاءِ 56.4 ملين ڊالرن جي نئين پروگرام جي منظوري

مزید خبریں
آستانه-20 نومبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) ڪرغزستان ۽ تاجڪستان کي قدرتي آَفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ 56.4 ملين ڊالرن جي نئين پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻئي ملڪ زلزلن، ٻوڏن ۽ ٻين قدرتي آفتن جي خطرن جي ور چڙهيل آهن پر انهن وٽ مالي وسيلن ۽ رسڪ ٽراسفر سسٽمز محدود آهن. اي ڊي بي موجب اهو پروگرام ٻنهي ملڪن جي مالي تياري کي مضبوط ڪندو ۽ آفتن جي مختلف درجن جي لاءِ 2 اڳواٽ مالياتي نظام فراهم ڪندو. پروگرام ٻن حصن تي ٻڌل آهي جن ۾ وچولي شدت جون قدرتي آفتون يا صحت جي ايمرجنسي جي صورت ۾ بجيٽ سپورٽ فراهم جڏهن ته شديد ترين آَفتن جي صورت ۾ عالمي مارڪيٽ مان جاري ٿيل ڪيٽاسٽروفڪ بانڊ متاثر ملڪن کي فوري سرمايو فراهم ڪندو. اي ڊي بي جي وچ ۽ اولهه ايشيا لاءِ ڊائريڪٽر جنرل ليا گيٽريز چيو ته هي پروگرام ٻنهي ملڪن کي زلزلن، انتهائي موسمي حالتن ۽ صحت جي هنگامي صورتحال کانپوءِ مالي دٻاءُ کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.ان موجب هي قدم آفتن کانپوءِ رد عمل بدران اڳواٽ مالي تياري ۽ رسڪ مينيجمينٽ کي هٿي ڏيندو. پروگرام جو ڌيان پاليسي سڌارن، اداره جاتي صلاحيت ۾ اضافي ۽ گورننس ڍانچي کي بهتر بڻائڻ تي آهي ته جيئن آفتن جي رسڪ مينيجمينٽ ۽ فنانسنگ لاءِ هڪ هم آهنگ ۽ شفاف نظام تيار ٿي سگهي. هي منصوبو سي اي آر اي سي ريجن ۾ ڊزاسٽر رسڪ ٽرانسفر فسيلٽي جي تياري لاءِ اي ڊي بي جي فني مدد ذريعي بڻايو ويو آهي. سي اي آر اي سي پروگرام خطي جي معاشي ترقي ۽ پائيدار واڌ جو حصيدار نيٽ ورڪ آهي ۽ هي اي ڊي بي جي مدد سان هلايو ويندو آهي.











