فلسطين جي عوام جي حقن جي دفاع ۾ سعودي عرب جو چٽو موقف قدر جوڳو آهي: صدر محمود عباس

واشنگٽن - 20 نومبر (اي پي پي)فلسطين جي صدر محمود عباس سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ان موقف کي نهايت قدر جوڳو قرار ڏنو آهي جنهن کي هن آمريڪا جي وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران ٻيهر توثيق ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلسطين جي صدر محمود عباس سعودي عرب جي جرئت منداڻي ۽ واضع موقف کي ساراهيو ، جيڪا هميشه فلسطيني عوام جي …

واشنگٽن – 20 نومبر (اي پي پي)فلسطين جي صدر محمود عباس سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ان موقف کي نهايت قدر جوڳو قرار ڏنو آهي جنهن کي هن آمريڪا جي وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران ٻيهر توثيق ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلسطين جي صدر محمود عباس سعودي عرب جي جرئت منداڻي ۽ واضع موقف کي ساراهيو ، جيڪا هميشه فلسطيني عوام جي حقن جي دفاع ۾ ثابت قدمي ، استقامت ۽ مستقل مزاجي جي علامت رهي آهي .  ها فلسطيني قانوني ۽ قومي حقن جي تحفظ لاءِ سعودي عرب جي عزم جي مضبوطي کي ظاهر ڪري ٿو . ان سان گڏ صدر محمود عباسي خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۾ سعودي عرب جي انهن ڪوششن جي به تعريف ڪئي جنهن جو مقصد ٻه رياستي حل  کي عملي طور مڪمل ڪرڻ آهي. ان لاءِ اهو ئي حل منصفاڻي امن جي قيام جو بنيادي رستو آهي، جيڪو فلسطيني عوام جي مستقبل، ان جي تاريخي حقن ۽ مقدس هنڌن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته فلسطيني رياست پنهنجي هم آهنگي ، ويجهن رابطن ۽ مسلسل مشاورت کي سعودي عرب سان گڏ جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن اوڀر بيت المقدس کي گادي وارو شهر بڻائي فلسطيني رياست جي قيام جي هدف کي تڪميل تائين پهچائي سگهجي.

مزید خبریں