دبئي ايئرپورٽ تي ٽن مهينن دوران 24.2 ملين مسافرن جي اچڻ جو نئون رڪارڊ

دبئي-20 نومبر(اي پي پي)دنيا جي مصروف ترين مرڪز دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ پنهنجي 65 سالن جي تاريخ ۾ هن سال جي ٽين ٽه ماهي دوران سڀ کان وڌيڪ ٽريفڪ ريڪارڊ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جولاءِ کان سيپٽمبر 2025ع تائين 24.2 ملين مسافرن جي آجيان ڪئي وئي جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هلندڙ سال جي پهرين نون مهينن دوران مسافرن جو مجموعي انگ 70.1 ملين تائين …

دبئي-20 نومبر(اي پي پي)دنيا جي مصروف ترين مرڪز دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ پنهنجي 65 سالن جي تاريخ ۾ هن سال جي ٽين ٽه ماهي دوران سڀ کان وڌيڪ ٽريفڪ ريڪارڊ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جولاءِ کان سيپٽمبر 2025ع تائين 24.2 ملين مسافرن جي آجيان ڪئي وئي جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هلندڙ سال جي پهرين نون مهينن دوران مسافرن جو مجموعي انگ 70.1 ملين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2.1 سيڪڙو اضافو آهي. رپورٽ موجب ٽن مهينن دوران دبئي ايئر پورٽ مضبوط آپريشنل ڪار ڪردگي کي برقرار رکي هڪ لک 15 هزار اڏامون ريڪارڊ ڪيون. في جهاز 213 مسافرن جي سراسري کي حاصل ڪيو. سيڪيورٽي ۽ مسافرن جي پروسيسنگ جو وقت به انتهائي گهٽ رهيو ۽ روانو ٿيندڙ 99.6 سيڪڙو مسافرن 10 منٽن کان گهٽ وقت ۾ ڪليئرنس حاصل  ڪئي. سيڪيورٽي چيڪنگ دوران به 99.7 سيڪڙو مسافر پنجن منٽن کان به گهٽ وقت ۾ ڪليئر ٿي ويا. هلندڙ سال جي پهرين 9 مهينن دوران 6 ڪروڙ 38 لک بيگز هينڊل ڪيا ويا. انهن مان 90 سيڪڙو بيگز جهاز جي لينڊ ڪرڻ جي 45 منٽن اندر مسافرن تائين پهچايا ويا. غلط هينڊلنگ جي شرح انتهائي گهٽ رهي جيڪا رڳو 0.1 سيڪڙو هئي. يعني هر هزار ۾ رڳو ٻه بيگ متاٿر ٿيا.

مزید خبریں