ٻارن جي حقن جو تحفظ نه رڳو قانوني ذميواري پر اهم اخلاقي فرض به آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 20نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڏينهن رڳو اعتراف نه آهي پر ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ عملي قدمن جي گهرج ڪري ٿو، ٻارن جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ آگاهي ۽ گڏيل ذميواري جي احساس کي مضبوط بڻائڻ جو موقعو فراهم …

اسلام آباد – 20نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڏينهن رڳو اعتراف نه آهي پر ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ عملي قدمن جي گهرج ڪري ٿو، ٻارن جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ آگاهي ۽ گڏيل ذميواري جي احساس کي مضبوط بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن بابت ڪنوينشن جي سالگرهه جي ياد پڻ ڏياري ٿو. ڪالهه اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته هر ٻار کي بنا ڪنهن فرق جي بنيادي حق ۽ استحصال کان تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻارن جي حقن جو تحفظ رڳو قانوني ذميواري نه پر هڪ اهم اخلاقي فرض به آهي. هن چيو ته هن سال عالمي موضوع ”منهنجو ڏينهن، منهنجا حق“ ٻارن کي پنهنجي زندگين بابت فيصلن ۾ شريڪ ٿيڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. صدر چيو ته هي موضوع گڏيل قومن جي ڪنوينشن تحت ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ هڪ مضبوط سماجي تحفظ جي نظام جي ضرورت کي پڻ واضح ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي معاهدن جو تصديق ڪندڙ آهي جيڪي پاليسي سازي ۾ ٻارن جي آواز شامل ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪن ٿا ۽ رياست انهن اصولن جي تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين ٻارن جي حق جي تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو ۽ اهو عزم ٻارن جي حقن بابت قومي ڪنوينشن ايڪٽ 2017ع، آءِ سي ٽي چائيلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2018ع، جوينائل جسٽس سسٽم ايڪٽ 2018ع، ڊوميسٽڪ ورڪرز ايڪٽ 2022ع ۽ آءِ سي ٽي چائيلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2025ع جهڙن قانونن جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي جنهن موجب 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي شادي سزا جوڳو ڏوهه آهي. صدر چيو ته حڪومت ٻارن جي استحصال جي روڪٿام ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ مختلف ادارا ۽ سروس ڊيليوري يونٽس قائم ڪيا آهن جن ۾ چائيلڊ پروٽيڪشن جا ادارا پڻ شامل آهن جڏهن ته هن زور ڏنو ته ٻارن جو تحفظ رياست، معاشري ۽ خاندان جي گڏيل ذميواري آهي. هن سمورن حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن، ميڊيا، گڏيل قومن جي ادارن، ڪميونٽيز، والدين، استادن، مذهبي اڳوڻن ۽ ٻارن تي زور ڏنو ته اهي گڏجي ملڪ جي هر ٻار جي لاءِ محفوظ، صحتمند ۽ وڌندڙ ويجهندڙ ماحول جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

مزید خبریں