اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سطح تي ٻارن جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته ذهني ۽ جسماني واڌويجهه، تحفظ ۽ تعليم ۽ تربيت ٻارن جي حقن ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، حڪومت تعليمي ايمرجنسي سميت ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي عالمي …
وزيراعظم پاران عالمي سطح تي ٻارن جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون لازمي قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سطح تي ٻارن جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته ذهني ۽ جسماني واڌويجهه، تحفظ ۽ تعليم ۽ تربيت ٻارن جي حقن ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، حڪومت تعليمي ايمرجنسي سميت ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ڪالهه اربع ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ٻارن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان ڀرپور انداز ۾ دنيا سان هم آهنگ آواز ٿي ٻارن جي ڀلائي، انهن جي حقن ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪري رهيو آهي، هلندڙ سال هي ڏينهن ”منهنجو ڏينهن، منهنجا حق“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي جيڪو ٻارن جي ملڪي، انفرادي ۽ گڏيل سطح تي حقن جي ادائيگي، واڌويجهه ۽ زندگي جي مئسلن جي اهميت تي مرڪوز آهي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به رياست، ملڪ ۽ مجموعي طور تي نوع انساني جو مستقبل ٻارن جي بطور نئين نسل شاندار مستقبل سان واڳيل هوندو آهي، ان لاءِ عالمي سطح تي ملڪن جي وچ ۾ ٻارن جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل تعاون لازمي آهي، ٻارن جي حقن ۾ ذهني ۽ جسماني واڌويجهه، تحفظ ۽ تعليم ۽ تربيت اهم حيثيت رکن ٿا، انهن حقن جي ادائيگي ۾ افرادي ۽ گڏيل سطح تي موثر انداز ۽ جامع حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ٻارن جي خلاف پرتشدد واقعن جي خاتمي لاءِ به حڪومتي قدم انتهائي اهم آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر هوشار ٻار جي لاءِ تعليمي سهولتون ميسر ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، انهي ڏس ۾ دانش اسڪول جي منصوبي تي تيز رفتاري سان جاري ڪم ساراهه جوڳو ۽ اطمينان جوڳو آهي، ان کانسواءِ بي آءِ ايس پي تحت ٻارن جي وڌاويجهه جي لاءِ مالي مدد جو جاري پروگرام ۽ تعليمي وظيفن جو سلسلو پڻ ساراهه جوڳو آهي جڏهن ته بحيثيت مجموعي وڌيڪ هم آهنگي ۽ موثر حڪمت عملي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خاندان، معاشري ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سطح تي ٻارن جي حقن جي پرخلوص ادائيگي سان ئي معاشري ۾ مثبت رجحان جنم وٺن ٿا، ٻارن جي بهترين ۽ موجوده دور جي جديد گهرجن سان هم آهنگ تعليم ۽ تربيت ۾ ئي خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي ضمانت آهي. هن هر ٻار کي تعليم جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ دستياب تعليم کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ جديد فني سهولتون فراهم ڪرڻ کي حڪومتي ذميواري قرار ڏيندي چيو ته تعليم جي اهميت کي سمجهندي حڪومت ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري رکي آهي جنهن جو مقصد اسڪول جي تعليم کان محروم ٻارن جي اسڪول ۾ داخلا کي يقيني بڻائڻ آهي. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي لاءِ تعليمي وظيفن، طبي سهولتن جي فراهمي ۽ هنرمند بڻائڻ جا مخصوص مرڪز قائم ڪرڻ هر معاشري جي ٻارن جي بنيادي ضرورتن ۾ شامل آهي، پاڪستان حڪومت نه رڳو صوبائي حڪومتن سان گڏجي پر عالمي سطح تي پڻ ٻارن جي لاءِ بهترين موقعن جي فراهمي جي لاءِ گڏيل تعاون جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.











