قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪرم ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪرم ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ هن ڪامياب آپريشن وسيلي 23 خوارجي دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪيو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ شجاعت جي واکاڻ …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪرم ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ هن ڪامياب آپريشن وسيلي 23 خوارجي دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪيو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ شجاعت جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جو ڪامياب آپريشن تعريف جوڳو آهي. ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم خوارجين جي خاتمي لاءِ فورسز جي دليراڻين ڪاررواين تي فخر آهي. دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون بهادراڻيون ڪارروايون ملڪ جي استحڪام جي ضمانت آهن. خوارجي دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جي خاتمي ۾ مصروف پاڪ فوج جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو خاتمو قومي سلامتي جي عزم جو مظهر آهي. عزم استحڪام تحت جاري آپريشن قوم جي اعتماد ۽ يڪجهتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي.دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. دهشتگردي جو مقابلو ڪندڙ بهادر جوانن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي.ملڪي امن لاءِ هر محاذ تي ڄمي بيٺل جوان اسان جو فخر آهن. دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ لاءِ فورسز جا قدم واکاڻ جوڳا آهن. متحد قوم دهشتگردي خلاف دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي.

مزید خبریں