گڏيل قومون-20 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪميٽي خبردار ڪيو آهي ته افغان طالبان جي حمايت يافته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان خلاف ڪيترائي هاءِ پروفائيل حملا ڪري چڪي آهي، جن ۾ ڪجهه ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان پڻ ٿيو. گڏيل قومن جي ڊينمارڪ جي نائب مستقل نمائندي ۽ 1267 القاعده سينڪشنز ڪميٽي جي سربراهه سفير سيندرا جينسن لانڊي سلامتي ڪائونسل کي …
ٽي ٽي پي پاڪستان خلاف ڪيترائي هاءِ پروفائيل حملا ڪري چڪي آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-20 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪميٽي خبردار ڪيو آهي ته افغان طالبان جي حمايت يافته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان خلاف ڪيترائي هاءِ پروفائيل حملا ڪري چڪي آهي، جن ۾ ڪجهه ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان پڻ ٿيو. گڏيل قومن جي ڊينمارڪ جي نائب مستقل نمائندي ۽ 1267 القاعده سينڪشنز ڪميٽي جي سربراهه سفير سيندرا جينسن لانڊي سلامتي ڪائونسل کي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته اٽڪل 6 هزار ويڙهاڪن تي ٻڌل ٽي ٽي پي علائقي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي ۽ ان کي طالبان جي عبوري حڪومت طرفان لاجسٽڪ ۽ مالي مدد حاصل آهي. پاڪستان جي گڏيل قومن لاءِ نائب مستقل نمائندي عثمان جدون ٻڌايو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي قدمن ۾ فرنٽ لائن اسٽيٽ آهي ۽ هن ان جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ حياتين جي قربانين سان گڏوگڏ اربين ڊالرن جو اقتصادي نقصان برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا افغانستان مان درپيش دهشتگردي جي خطرن جو مسلسل مقابلو ڪري رهيا آهن جتي داعش خراسان، ٽي ٽي پي ۽ ان سان ڳنڍيل بي ايل اي ۽ ان جي ذيلي تنظيم مجيد برگيڊ جهڙا گروهه پنهنجي ميزبانن جي سرپرستي ۾ ۽ اسان جي مخالف ملڪ جنهن جو ڪم ئي خطي کي عدم استحڪام جي ور چاڙهڻ آهي، جي حمايت سان ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 1267 القاعده سينڪشنز ڪميٽي جي پابندين جي نظام کي زميني حقيقتن موجب هجڻ گهرجي ۽ فهرست ۾ شامل يا خارج ڪرڻ جا مسئلا انصاف، شفافيت ۽ سياسي اثرن کانسواءِ حل ڪيا وڃن. هن چيو ته گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي واري فريم ورڪ کي پرتشدد ۽ انتهاپسند گروهن خلاف سخت قدم کڻڻ لاءِ ضروري اوزار رکڻ گهرجن. ان موقعي تي چين جي نمائندي ڪميٽي کي بلوچستان لبريشن آرمي ۽ ان جي مجيد برگيڊ کي دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ته جيئن دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس جو مضبوط پيغام ڏئي سگهجي.











