ماسڪو-20 نومبر (اي پي پي)روس آمريڪا سان ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ تي ٻيهر ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس اعلان ڪيو آهي ته هو مناسب شرط هجڻ تي آمريڪا سان ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي لاءِ ٻيهر ڳالهين لاءِ تيار آهي . اها ڳالهه جنيوا ۾ عالمي تنظِيمن لاءِ روس جي مستقل نمائندي جينيڊي گاتيلوف چئي . هن چيو ته روس آمريڪا سان ايٽمي هٿيارن ۾ …
روس پاران آمريڪا سان ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ تي ٻيهر ڳالهين تي راضپو ظاهر

مزید خبریں
ماسڪو-20 نومبر (اي پي پي)روس آمريڪا سان ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ تي ٻيهر ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس اعلان ڪيو آهي ته هو مناسب شرط هجڻ تي آمريڪا سان ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي لاءِ ٻيهر ڳالهين لاءِ تيار آهي . اها ڳالهه جنيوا ۾ عالمي تنظِيمن لاءِ روس جي مستقل نمائندي جينيڊي گاتيلوف چئي . هن چيو ته روس آمريڪا سان ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ تي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي جيڪڏهن ميز تي مناسب شرط رکيا وڃن . هن وڌيڪ چيو ته ان مقصد لاءِ روس فيبروري 2026 ع بعد هڪ سال لاءِ نيو اسٽارٽ معاهدي تحت مقرر ڪيل مرڪزي مقداري پابندين تي عمل جاري رکڻ لاءِ تيار آهي. پر هن واضع ڪيو ته اهو قدم صرف ان صورت ۾ ممڪن هوندو جڏهن آمريڪا به اهڙي طرح جو رويو اختيار ڪري ۽ موجوده هٿيارن جي توازن کي نقصان پهچائيندڙ قدمن کان پاسو ڪري . گاتيلوف چيو ته “آخر ڪار رقص لاءِ ٻن جو هجڻ ضروري آهي. هن اهو به ٻڌايو ته اهو معاملو هٿيارن بابت ايندڙ ڪانفرنس جي اجلاس ۾ جنوري 2026ع ۾ ايجنڊا ۾ شامل هوندو . نيو اسٽارٽ معاهدو ، جنهن تي آمريڪا ۽ روس وچ ۾ صحيحيون ٿيون، 2011ع ۾ لاڳو ٿيون ۽ ان تحت هر ڌر کي مقرر ڪيل انگ ۾ مقرر بين القارتي بيليسٽڪ ميزائل (آئي سي بي ايم ) سب ميرين کان لانچ ٿيندڙ ميزائل (ايس ايل بي ايم) اسٽريٽجڪ بمبار ۽ وار هيڊز رکڻ جي اجازت آهي . معاهدي جو مدو شروعاتي طور تي 10 سال هو . جنهن کي ٻنهي ڌرين جي رضامندي سان وڌيڪ توسيع ڏئي سگهجي ٿي.











