اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين قرطبه، اسپين ۾ منعقد ٿيل انٽرنيشنل اوليوو ڪائونسل (آءِ او سي) جي 122هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب ڪيو. ان عالمي اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي وزيرن، ماهرن ۽ زيتون جي صنعت سان واڳيل اڳواڻن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير، زرعي معاملن بابت هسپانوي وزير، ماهي …
وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي اسپين ۾ انٽرنيشنل اوليوو ڪائونسل جي 122هين اجلاس ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين قرطبه، اسپين ۾ منعقد ٿيل انٽرنيشنل اوليوو ڪائونسل (آءِ او سي) جي 122هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب ڪيو. ان عالمي اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي وزيرن، ماهرن ۽ زيتون جي صنعت سان واڳيل اڳواڻن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير، زرعي معاملن بابت هسپانوي وزير، ماهي پروري ۽ خوراڪ لوئيس پلانس، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انٽرنيشنل اوليوو ڪائونسل جائمي ليو ۽ اسپين جي زيتون جي شعبي جو شاندار ميزبانيءَ تي ٿورو مڃيو. هن ليلو ۽ جهانگير، صدر آءِ او سي ڪائونسل ۽ ترڪيه جي نمائندي جي ان حوصلا افزائيءَ جي جملن جو به ذڪر ڪيو جيڪو هن 11 نومبر 2025ع جي ورچوئل اجلاس ۾ پاڪستان جي زيتون جي شعبي بابت ادا ڪيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان حڪومت سڄي ملڪ ۾ هڪ جٽادار ۽ چٽاڀيٽي زيتون ويليو چين جي قيام لاءِ پوريءَ طرح پُرعزم آهي. هن چيو ته ان قومي پروگرام جا ٻه بنيادي مقصد آهن، کاڄرو تيل جي آمدني واپار تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ ۽ زيتون جي پوک، پروسيسنگ ۽ ويليو ايڊيشن ذريعي ٻهراڙي ڪميونٽي لاءِ باوقار روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ. پاڪستان قدرتي طور تي لکين جهنگلي زيتون جي وڻن ۽ اٽڪل 10 لک ايڪڙ اهڙي بنجر زمين يا گهٽ پيداواري زمين سان مالامال اهي جيڪا زيتون جي پوک لاءِ نهايت موزون آهي. گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ 50 هزار ايڪڙ ايراضيءَ تي زيتون جي ڪاميابيءَ سان پوکي مڪمل ٿي چڪي آهي جيڪا زرعي جدت لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. رانا تنوير حسين ٻُڌايو ته نيشنل اوليوو پروگرام صرف زرعي منصوبو ناهي پر هڪ اهم قدم آهي جنهن جا ڏور رس اثر آهن. هي پروگرام موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، زمين جي کاٽي ۽ سوڪهڙي کي روڪڻ، زرعي جدت وڌائڻ ۽ ٻهراڙي جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان ويزن تحت حڪومت ڪيتريون ئي سهولتون قائم ڪيون آهن جن ۾ 51 زيتون آئل ايڪسٽريڪشن يونٽس، 6 فروٽ پروسيسنگ فيڪٽريون، 5 ويڊر اسٽيشن، 14 نرسريون ۽ 4 اوليو آئل ڪوائلٽي ليبارٽريون شامل آهن، جن ۾ هڪ جديد سينسري ايويليوايشن ليب پڻ شامل آهي. ان سان گڏوگڏ هزارين عورتن ۽ نوجوانن کي زيتون جي ويليو چين جي مختلف مرحلن ۾ تربيت ڏني وئي آهي جڏهن ته 90 کان وڌيڪ اسٽارٽ اپس زيتون تي ٻَڌل ڪاروبار ذريعي مقامي معيشت ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي اسٽارٽ اپ برانڊ ”ايل او“ لورالائي اوليو نيويارڪ اوليو آئل ڪوائلٽي جي ڀيٽ ۾ سلور ايوارڊ کٽي عالمي سطح تي پاڪستاني زيتون جي معيار ۽ امڪانن کي نمايان ڪيو. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته حڪومت اوليو چين پاليسي 2030ع به جوڙي ڇڏي آهي جيڪا زيتون جي شعبي جي جٽادار ترقي، مؤثر نظم و نسق ۽ جدت لاءِ واضح رهنما اصول فراهم ڪري ٿي ۽ عالمي بهترين طريقن سان هم آهنگ آهي. وفاقي وزير ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان 2015ع جي انٽرنيشنل ايگريمينٽ آن اوليو آئل اينڊ ٽيبل اوليوز جو مڪمل ميمبر بڻجڻ جو خواهشمند آهي. ان سلسلي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي وئي آهي ۽ پاڪستان جلد انٽرنيشنل اوليو ڪائونسل جو فعال ۽ اثرائتو ميمبر بڻجڻ جي اميد رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن سان ناتا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي زيتون جي هڪ بهتر، مستحڪم ۽ جٽادار مستقبل لاءِ پنهنجو پورو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.











