اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ - سعودي ناتن، ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب سعودي عرب جي سفير ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني پهچڻ تي وفاقي وزير محسن نقوي جي …
گهرو وزير محسن نقوي جي سعودي سفير سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ – سعودي ناتن، ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب سعودي عرب جي سفير ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني پهچڻ تي وفاقي وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ – سعوديه ناتا، ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفير اسلام آباد عدالت ٻاهران ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ ڌماڪي سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ برما جي مسلمانن جي ليگل اسٽيٽس جو پُراڻو مسئلو حل ٿي ويو. سعودي سفير مسئلي جي حل ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو. ان سلسلي ۾ باضابطه معاهدي تي ايندڙ هفتي سعودي عرب ۾ صحيحون ڪيون وينديون. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارت وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. سفير چيو ته پاڪستان جي عوام سان گهرن ناتن تي فخر آهي. گهرو وفاقي سيڪريٽري محمد خرم آغا به ان موقعي تي موجود هو.











