لائرز پروٽيڪشن ايڪٽ تحت وڪيلن لاءِ جامع ڪمپنسيشن پيڪيجز فراهم ڪيا ويندا: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ وڪيل برادري وچ ۾ مضبوط ۽ تعميري رابطا ضروري آهن، پيشيوراڻي معيار کي هٿي وٺرائڻ ۽ وڪيلن جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ ٺوس قدم جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي مختلف بار ايسوسيئيشنز جي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ترجمان موجب ملاقات ۾ اسلام …

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ وڪيل برادري وچ ۾ مضبوط ۽ تعميري رابطا ضروري آهن، پيشيوراڻي معيار کي هٿي وٺرائڻ ۽ وڪيلن جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ ٺوس قدم جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي مختلف بار ايسوسيئيشنز جي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ترجمان موجب ملاقات ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار، راولپنڊي ڊسٽرڪٽ بار، سيالڪوٽ، منڊي بهاؤ الدين، جڙانوالا، لاليان، ميان چنون، پسرور ۽ شڪر ڳڙهه بار ايسوسيئيشنز جا صدر ۽ عهديدار شامل هئا. بار جي نمائندن وڪيلن جي فلاح ۽ بهبود بابت حڪومتي قدمن خاص طور تي لائرز پروٽيڪشن ايڪٽ جي منظوري ۽ ان تي عملدرآمد کي ساراهيو ۽ حڪومت جي سهڪار تي قانون واري وزير جو شڪريو ادا ڪيو. ملاقات ۾ بار لائبريريز، بار رومز ۽ ان بابت جاري گرانٽس تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قانون واري وزير خاطري ڪرائي ته حڪومت بار ايسوسيئيشنز کي سهولتون ۽ تحقيقي ماحول جي بهتري لاءِ مسلسل معاونت فراهم ڪندي رهندي. هن چيو ته لائرز پروٽيڪشن ايڪٽ تحت وڪيلن لاءِ جامع ڪمپنسيشن پيڪيجز فراهم ڪيا ويندا  جيڪي ڊگهي مُدي جا هاڪاري اثر رکندڙ هوندا.

مزید خبریں